لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ جاويد لطيف پي ٽي آءِ جي پروجيڪٽ مئنيجر کي آڻيندڙن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. جاويد لطيف لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جيڪڏهن هڪ ادارو پاڻ کان احتساب شروع ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو سٺو پيغام آهي. سمورن ادارن کي پاڻ احتساب جي عمل کان گذرڻ گهرجي. انصاف ڏيندڙ ادارو به احتساب جي عمل مان گذرندو. هن زور ڏنو ته حاضر سروس سان گڏوگڏ هن پراجيڪٽ کي لانچ ڪندڙن کي گرفتار ڪري سزا نه ملي ته 9 مئي جهڙو واقعو ٻيهر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن حاضر سروس ماڻهن جو ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو ته اڳوڻن ماڻهن جو به ٿيڻ گهرجي. اسان جو حدف صرف انهن ماڻهن کي سزا ڏيڻ نه هو. اسان جو حدف اهي ماڻهو آهن جن جي ڪري پاڪستان ۾ بدامني ۽ معاشي بدحالي آئي. جاويد لطيف چيو ته جيڪي 9 مئي سانحي ۾ ملوث آهن انهن کي چوڪ ۽ چوراهن تي لٽڪايو وڃي 9 ۽ 10 مئي جي ماسٽر مائينڊ کي ڪابه رعايت ملي ته قوم ان کي برداشت نه ڪندي. جاويد لطيف چيو ته سهولتڪار ۽ ماسٽر مائينڊ کي به سزا ملڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو آئين کان مٿانهون قدم کڻندا آهن انهن تي تنقيد ڪرڻ ۽ انهن جو احتساب ڪرڻ لازمي آهي جيڪي ڪنڊا اڳوڻن ماڻهن پوکيا هئا انهن کي سموري قوم لڻي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته هڪ اداري پاڻ کان احتساب شروع ڪيو ۽ ٻين جي لاءِ مثال قائم ڪئي. اميد آهي ته انصاف ڏيندڙ ادارو به انهي عمل مان گذرندو. سهولتڪاري جا ثبوت ملي چڪا آهن هڪ ماڻهو کي بچائڻ جي لاءِ سموري پاڪستان کي تباهه ڪيو پئي ويو. هن چيو ته جن فيصلن سان پاڪستان جا حالات خراب ٿيا آهن اهڙن فيصلن تي تنقيد ڪرڻ لازمي آهي. هڪ ماڻهو کي هيٺاهون ڏيکارڻ لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا ويا اهو به احتساب جي عمل مان گذرندو. اسان شروع کان چئي رهيا آهيون ته سهولتڪاري ٿي رهي آهي جيڪا اڄ ثابت ٿي وئي آهي.










