جھٽڪي ۽ لاکڙي جي بيماري پکڙجي وئي

نوشھرو فيروز  (رپورٽ منظور ملڪ)مورو ۽ آس پاس ۾ مصعوم ٻارڙن ۾ جھٽڪي ۽ لاکڙي جي بيماري پکڙجي وئي ھڪ ٻارڙو فوت ڪيترائي ٻارڙا متاثر مورو اسپتال انتظاميه جو بيمار ٻارڙن کي داخل ڪرڻ کان انڪار اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ خلق خدا پريشان پيرائتي خبر موجب مورو ۽ آس پاس ۾ ٻارڙن ۾ جھٽڪي ۽ لاکڙي جي بيماري پکڙجي وئي مورو ڀرسان درس شھر جي ڏيپر پاڙي ۾ زاھد حسين ڏيپر جو ٻن مھينن جو ٻارڙو جھٽڪي جي بيماري سبب ۽ مورو اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران برقت علاج نه ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو آھي جڏھن ته لاکڙي جي بيماري سبب ڪترائي ٻارڙا بسترن ڀيڙا ٿيل آھن؛فوتي ٻارڙي جي والد زاھد حسين ڏيپر نيشنل پريس ڪلب مورو جي صحافين کي دانھيندي ٻڌايو ته مورو اسپتال ۾ تقريبن ڏيڍ سال کان دوائن جي ھٿرادو کوٽ ڪئي وئي آھي؛ غريب ۽ بي پھچ ماڻھن جي ٻارڙن کي داخل به نٿو ڪيو وڃي ھنن صحت جي صوبائي وزير ۽ صحت جي سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته مورو اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ پوري ڪري غريب ماڻھن کي علاج جي سھولت مھيا ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو رستو اختيار ڪبو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو