ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جيلن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت نيب ۽ وفاقي سرڪار کي ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اربع تي عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته اعجاز جکراڻي پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته اعجاز جکراڻي ۽ سندس ساٿين جون ضمانت واريون درخواستون 12 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ رکيل آهن جنهنڪري ڄاڻايل درخواست کي به انهن سان گڏ ٻڌو وڃي. جنهن تي عدالت سندس استعا رد ڪندي نيب ۽ وفاقي سرڪار کي 3 ڊسمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي . اعجاز جکراڻي پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هو بيمار آهي ۽ علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو جنهنڪري سندس نالو اي سي ايل مان خارج ڪري کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. نيب موجب اعجاز جکراڻي خلاف سکر ۾ ٻه انڪوائريون هلندڙ آهن جن ۾ اعجاز جکراڻي گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي آهي.










