ضلعي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 55 ارب مختص، سال اندر رٿا مڪمل ڪريو

ضلعي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 55 ارب مختص، سال اندر رٿا مڪمل ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سالياني ترقياتي پروگرام (2025-26 ) جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي ۽ ٻيا شرڪت ڪئي،سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ضلعي اي ڊي پي لاءِ 55 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ضلعي اي ڊي پي جون اسڪيمون جيڪي هن سال شروع ٿيون آهن ۽ ساڳئي سال ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجن،جتي ضرورت هجي، اسڪيم ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي، ضلعي اي ڊي پي جون ايندڙ اسڪيمون منظور ڪيون وڃن، سنڌ جي وڏي وزير منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير کي هدايت ڪئي ، سنڌ جي وڏي وزير فيصلو ڪيو ته 55 ارب رپين مان 80 سيڪڙو جاري ڪيو وڃي ۽ 20 سيڪڙو نئين اسڪيمن لاءِ مختص ڪيو وڃي، نئين اسڪيمن لاءِ 4 قسطن ۾ فنڊ جاري ڪيا وڃن، ضلعي اي ڊي پي اسڪيمن جو بهترين معيار يقين بڻايو وڃي ، سنڌ جي وڏي وزير پي اينڊ ڊي وزير کي هدايت ڪندي چيو ته ضلعن جي ترقي تمام ضروري آهي، جنهن تي حڪومت ڌيان ڏئي رهي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو