راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيشي تي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو.پوليس موجب جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي بوتلن ۽ لٺن سان حملو ڪيو.واقعي کانپوءِ پوليس جي وڌيڪ نفري جوڊيشل ڪمپليڪس تي طلب ڪئي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌمڪي ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس ۾ ٻئي گروپ پيش ٿيڻ لاءِ آيا هئا.هوڏانهن ڪمپليڪس ۾ پيشي دوران معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران جڊيشل ڪمپليڪس جي پارڪنگ ۾ بيٺل وڪيلن جي گاڏين کي پٿراءُ ڪيو ويو.










