جي ڊي پي ۾ واڌ جي شرح 3.7 رڪارڊ، ٽارگيٽ کان گهٽ هجڻ جو اقرار

جي ڊي پي ۾ واڌ جي شرح 3.7 رڪارڊ، ٽارگيٽ کان گهٽ هجڻ جو اقرار

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)حڪومت خميس ڏينهن مالي سال 2025-26 لاءِ پاڪستان اڪنامڪ سروي جاري ڪئي، جنهن موجب هلندڙ مالي سال دوران مجموعي قومي پيداوار (GDP) جي واڌ جي شرح 3.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. هي شرح گذريل سال جي 3.18 سيڪڙو واڌ کان وڌيڪ آهي، پر 4.2 سيڪڙو جي مقرر ڪيل هدف کان گهٽ رهي. في ڪس آمدني 1751 ڊالر مان وڌي 1901 ڊالر سالياني ٿي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ ٻين کاتن جي وزيرن ۽ سينئر آفيسرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سروي پيش ڪئي. هن چيو ته اها گذريل سال دوران پاڪستان جي ثابت قدمي ۽ مالي نظم و ضبط جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿي.
هن چيو ته مالي سال جي شروعات عالمي واپاري محصولن بابت غيريقيني صورتحال سان ٿي. “پوءِ جولاءِ جي آخر تائين اسان اهڙي مرحلي تي پهتاسين جتي خاص طور آمريڪا ڏانهن برآمدن جي حوالي سان مقابلي واري پوزيشن حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي وياسين.”
هن وڌيڪ چيو ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2025ع ۾ ٻوڏون آيون، جڏهن ته هن سال مارچ ۾ علائقائي تڪرار به پيش آيو. “انهن چئلينجن پاڪستان جي برداشت ۽ صلاحيت کي آزمائي ڇڏيو،” هن چيو، پر حڪومت انهن حالتن کي منهن ڏئي معيشت کي استحڪام کان ترقي جي رستي تي رکڻ ۾ ڪامياب رهي.
جي ڊي پي واڌ
ناڻي واري وزير موجب FY26 دوران جي ڊي پي واڌ 3.7 سيڪڙو رهي، جڏهن ته هدف 4.2 سيڪڙو هو. اقتصادي سروي موجب FY2026 دوران پاڪستاني معيشت جي ترقي جي رفتار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيز ٿي، جڏهن واڌ 3.18 سيڪڙو هئي.
رپورٽ موجب هن بهتري جا اهم سبب مؤثر معاشي انتظام، بهتر مالي نظم، وڏي پيماني واري صنعت ۾ واڌ، 2025ع جي ٻوڏ باوجود زرعي شعبي جي مزاحمت، مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) جي توسيعي فنڊ سهولت (EFF) تحت ڪيل سڌارا آهن.
اورنگزيب ٻڌايو ته عالمي معاشي واڌ به 3.7 سيڪڙو مان گهٽجي 3.1 سيڪڙو ٿي وئي هئي. هن چيو ته FY2023 ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي واڌ منفي 0.2 سيڪڙو، FY2024 ۾ 2.6 سيڪڙو، FY2025 ۾ 3.2 سيڪڙو ۽ FY2026 ۾ 3.7 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل چئن سالن جي بلند ترين شرح آهي.
هن چيو ته شروعاتي اندازن موجب واڌ 4 سيڪڙو کان مٿي ٿيڻ گهرجي ها، پر وچ اوڀر جي تڪرار سبب اهو ممڪن نه ٿي سگهيو. “تنهن هوندي به معيشت جو حجم تاريخي سطح تي 126.9 ٽرلين رپين تائين پهچي ويو آهي.”
زراعت
وزير موجب زرعي شعبي ۾ واڌ 2.89 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل سال اها 1.53 سيڪڙو هئي. هن چيو ته ٻوڏن جي باوجود فصلن واري ذيلي شعبي ۾ 1.44 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. مال پالڻ وارو شعبو به مسلسل بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي.
صنعتي شعبو
اقتصادي سروي مطابق صنعتي شعبي ۾ مجموعي طور 3.51 سيڪڙو واڌ ٿي. کاڻن ۽ کوٽائي واري شعبي ۾ گذريل سال جي گهٽتائي کانپوءِ مثبت واڌ ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا معدني وسيلن جي بحالي جي نشاندهي ڪري ٿي. بهرحال بجلي، گئس ۽ پاڻي جي فراهمي واري شعبي ۾ سبسڊين جي گهٽتائي ۽ پيداوار جي سست واڌ سبب گهٽتائي آئي. تعميراتي شعبي ۾ 5.73 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
وڏي پيماني واري صنعت (LSM)
سروي موجب پيداواري شعبي ۾ مجموعي واڌ 6.6 سيڪڙو رهي، جنهن جو وڏو سبب وڏي پيماني واري صنعت جي مضبوط ڪارڪردگي هئي. اورنگزيب چيو ته LSM ۾ 6.1 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪا گذريل چئن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته 22 ذيلي شعبن مان 16 ۾ مثبت واڌ ڏٺي وئي.
مثالن طور، سيمينٽ جي طلب ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڀاڻ جي طلب ۾ 17 سيڪڙو اضافو، پيٽروليم شين ۾ 5 سيڪڙو واڌ، گاڏين جي پيداوار ۾ 31 سيڪڙو اضافو، موبائل فونن جي پيداوار ۾ 9 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي آهي.
سروسز يعني خدمتن جو شعبو
خدمتن جو شعبو پاڪستان جي جي ڊي پي جو لڳ ڀڳ 58 سيڪڙو حصو آهي. هن شعبي ۾ FY26 دوران 4.09 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل چئن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ڪميونيڪيشن ۽ انفارميشن سروسز شعبي ۾ 7.52 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪا ڊجيٽل معيشت لاءِ اهم سمجهي وڃي ٿي.
مالي خسارو
اقتصادي سروي موجب جولاءِ-مارچ FY26 دوران مالي خسارو جي ڊي پي جي 0.7 سيڪڙو (856.4 ارب رپيا) تائين محدود رهيو، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ اهو 2.6 سيڪڙو (2,970 ارب رپيا) هو. پرائمري سرپلس به 3 سيڪڙو مان وڌي 3.2 سيڪڙو ٿي ويو. ٽيڪس آمدني ۾ 10.1 سيڪڙو واڌ ۽ قرضن جي سود جي ادائيگين ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي آئي.
مهانگائي
جولاءِ-اپريل FY26 دوران CPI مهانگائي 6.2 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ اها 4.7 سيڪڙو هئي. مارچ ۾ مهانگائي 7.3 سيڪڙو هئي، جيڪا عالمي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ وچ اوڀر جي بحران سبب اپريل ۾ 10.9 سيڪڙو ٿي وئي.
قومي غربت جي شرح 2024-25 دوران وڌي 28.9 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته عدم مساوات ۾ به اضافو ٿيو، جنهن جا سبب ڪووڊ-19، مهانگائي، موسمي تبديليون، ٻوڏون ۽ معاشي سڌارا قرار ڏنا ويا.
ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ ترسيل زر
اقتصادي سروي موجب جولاءِ-مارچ FY26 دوران ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 72 ملين ڊالر جو معمولي سرپلس رهيو، جڏهن ته گذريل سال اهو 1.7 ارب ڊالر هو. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جون موڪليل رقوم 8.2 سيڪڙو وڌي 30.3 ارب ڊالر ٿي ويون. اورنگزيب چيو ته برآمدات ۽ ترسيل زر بابت بحث جاري آهي، پر ٻنهي کي گڏيل طور ڏسڻ گهرجي.
برآمدات
ناڻي واري وزير چيو ته خوراڪ جي شعبي ۾ گهٽتائي برآمدات ۾ مجموعي گهٽتائي جو وڏو سبب بڻي. چانورن جي برآمدات ۾ 1.1 ارب ڊالر گهٽتائي، کنڊ جي برآمدات ۾ 403 ملين ڊالر گهٽتائي، مجموعي طور خوراڪ جي برآمدات ۾ تقريبن 1.5 ارب ڊالر جي گهٽتائي آئي.
ٻئي طرف ٽيڪسٽائيل ۽ راندين جي سامان جي برآمدات ۾ واڌ ٿي. هن خاص طور ذڪر ڪيو ته ايندڙ فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال پاڪستان ۾ تيار ڪيو ويو آهي. جولاءِ-مئي FY26 دوران راندين جي سامان جي برآمدات ۾ 18 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
آءِ ٽي برآمدات 3.8 ارب ڊالر کان وڌي ويون آهن ۽ اميد آهي ته 4.5 ارب ڊالر تائين پهچي وينديون. فري لانسرز جون برآمدات به 900 ملين ڊالر جي ويجهو پهچي ويون آهن.
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا
اورنگزيب موجب زرمبادله جا ذخيرا هن وقت 17 ارب ڊالر آهن ۽ جون جي آخر تائين 18 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آهي. اقتصادي سروي مطابق 17 اپريل تائين زرمبادله جا ذخيرا 20.6 ارب ڊالر هئا، جن مان 15.1 ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وٽ موجود هئا.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ ڪارپوريٽ شعبو
اقتصادي سروي موجب پاڪستان جي سرمائي مارڪيٽن خاص طور تي شيئر مارڪيٽ عالمي مارڪيٽن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري. KSE-100 Index جولاءِ-مارچ FY26 دوران 18.4 سيڪڙو واڌ ڪئي.
30 جون 2025 تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 15,237 ارب رپيا هئي، جيڪا 31 مارچ 2026 تائين وڌي 16,534 ارب رپيا ٿي وئي. FY26 دوران 39 هزار نيون ڪمپنيون رجسٽر ٿيون، جنهن سان رجسٽرڊ ڪمپنين جو تعداد 3 لک تائين پهچي ويو.
قرض
جولاءِ-مارچ FY26 دوران پاڪستان جو ڪل پرڏيهي عوامي قرض 92.2 ارب ڊالر رهيو. گهڻ طرفي قرض: 42.5 ارب ڊالر، IMF قرض: 9.9 ارب ڊالر، پيرس ڪلب قرض: 5.5 ارب ڊالر، غير پيرس ڪلب ملڪن کان قرض: 19 ارب ڊالر، مارچ 2026 جي آخر تائين ڪل عوامي قرض 83,285 ارب رپيا هو، جنهن ۾: ملڪي قرض: 57,566 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرض: 25,720 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. وزير موجب قرضن جو جي ڊي پي سان تناسب 2023 ۾ 75 سيڪڙو هو، جيڪو 2025 ۾ 70.7 سيڪڙو ۽ FY26 ۾ گهٽجي 68.5 سيڪڙو ٿي ويو.
ٽيڪس آمدني
اقتصادي سروي موجب FY26 دوران ٽيڪس آمدني 11.3 سيڪڙو وڌي 10,166.6 ارب رپين تائين پهچي وئي. فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) جي ٽيڪس وصولين ۾ 10.1 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ اهي 9,305.9 ارب رپين تائين پهچي ويون. صوبائي ٽيڪس آمدني 25.8 سيڪڙو وڌي 860.7 ارب رپيا ٿي وئي.
اورنگزيب چيو ته سيمينٽ ۽ کنڊ جي شعبن ۾ ڊجيٽل پيداوار مانيٽرنگ سبب 60 ارب رپين جي اضافي آمدني حاصل ٿي. هن وڌيڪ چيو ته مصنوعي ذهانت (AI) تي ٻڌل آڊٽ چونڊ نظام مان 34 ارب رپين جي اضافي آمدني حاصل ٿي.
حڪومت جو هدف آهي ته جون 2026 تائين ڊجيٽل ادائيگيون استعمال ڪندڙ واپارين جو انگ 20 لک تائين پهچي، جڏهن ته هن وقت اهو لڳ ڀڳ 17 لک آهي. ساڳئي طرح ڊجيٽل بئنڪنگ استعمال ڪندڙن جو هدف 12 ڪروڙ هو، پر اهو انگ وڌي 13.3 ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو