دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ جي يو آئي طرفان شھر ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات ۽ ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، بدامني، منشيات ۽ ٻين سماجي برائين خلاف 13 آڪٽوبر تي ڊي ايس پي ميرپوربٺورو آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان، دڙو ۾ جي يو آئي طرفان شھر ۾ وڌندڙ بدامني، لاقانونيت، منشيات ٿيل ڦر جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف يونٽ جي امير حافظ عبدالغفور ميمڻ، زبير سونارو، صداقت شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شھر جي سونارا بازار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ دڙو شھر ۾ پوليس جي عملداري ختم ٿي چڪي آھي، سڄو شھر ڏوھارين ۽ لوفرن حوالي ٿيل آھي، ھر بدامني جو راڪاس ڇانيل آھي، پوليس جي سرپرستي هيٺ شھر ۾ منشيات جو وڪرو کلي عام جاري آهي، ھنن وڌيڪ چيو تہ جي يو آئي اڳواڻ زبير سونارو کان ڦر ۾ ملوث جوابدار ٽي مهينا گذرڻ باوجود گرفتار ٿي نہ سگهيا آهن، ھنن اعلان ڪيو تہ 13 آڪٽوبر تي ڊي ايس پي آفيس ميرپوربٺوري آڏو تاريخي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو،










