اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام ف ضمني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جي يو آءِ ضمني چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿي، اسان جو ڪو به اميدوار ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺندو.سندس چوڻ آهي ته جي يو آءِ ف 8 فيبروري جي چونڊن جا نتيجا رد ڪري ڇڏيا آهن.جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته اسان کي عوام ڏانهن وڃڻو آهي، کين اعتماد ۾ وٺڻو آهي، اسان جو موقف واضح آهي، ان لاءِ اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي.مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو 25 اپريل تي بلوچستان مان تحريڪ جي شروعات ڪندو ۽ ڪراچي، پشاور ۽ لاهور ۾ به جلسا ڪندو. هن ٻڌايو آهي ته ٻين سياسي پارٽين سان به رابطو ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن لاچار آهي، نتيجا مرتب ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اڄ هاءِ ڪورٽ جا جج چئي رهيا آهن ته سندن معاملن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي.جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه جو به چوڻ آهي ته خواجا آصف ماضي جا در کولي ڇڏيا آهن.
ايراني صدر،پرڏيھي وزير سميت ھيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت
ڪارنهن الزام،جوابدار گهر واري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
مدئجي ڀرسان معصوم نينگر جو لاش مڇيءَ جي تلاءَ مان هٿ
شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ،ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ
ايراني صدر حادثو: صدر ۽ وزيراعظم طرفان ڏک جو اظهار
ناڻي واري وزارت پاران آءِ ايم ايف کي خرچ گهٽائڻ جو منصوبو پيش
نيب وٽ ثبوت ناهن، هي ادارو ملڪ جي تباهي جو سبب بڻيو: عباسي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 30 پئسا ٿي ويو
نواز شريف 1985ع کان وٺي حڪومت تبديل ڪرڻ جي هر سازش ۾ ملوث رهيو
ن ليگ اڳواڻ رانا ارشد جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن رد
لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙڪيس: عمران خان،شيخ رشيد، فيصل جاويد بري
نوابشاهه ۾ مبينا پوليس مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا
ڪرغزستان ۾ ڦاٿل سنڌ جي شاگردن کي مفت هوائي ٽڪيٽون ڏيڻ جو اعلان
انگلش پريميئر ليگ ۾ مانچسٽر سٽي مسلسل چوٿون ڀيرو ٽائيٽل کٽي ورتو
ڪرغستان ۾ پرڏيهي شاگردن تي حملن وارو معاملو
ٻار پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه هيس،مرينه خان
سنڌيار سکر 20 مئي 2024
سنڌيار ڪراچي 20 مئي 2024
انسٽاگرام ۾ واٽس ايپ جي ويو ونس جهڙو فيچر متعارف
لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو