اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) جمعيت علماءِ اسلام مولانا محمد خان شيراني ۽ حافظ حسين احمد کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب جمعيت علماء اسلام جي ورڪنگ ڪميٽي جو اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مولانا محمد خان شيراني ، حافظ حسين احمد ، مولانا گل نصيب خان ۽ مولانا شجاع الملڪ کي پارٽي مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ذريعن ٻڌايو ته ورڪنگ ڪميٽي متفقه طور تي نظم و ضبط واري ڪميٽي جي سفارشن تي فيصلو ڪيو.ذريعن موجب جي يو آءِ ف جي ڪميٽي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو اڳواڻ وضاحت ڪري ۽ معافي وٺي ته ڪميٽي فيصلن ڪرڻ ۾ بااختيار آهي.ياد رکڻ گهرجي ته تازو ئي هڪ بيان ۾ ، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته مولانا فضل الرحمان پاڻ سليڪٽڊ آهي هو عمران خان کي ڪيئن چئي سگهي ٿو ته هو سليڪٽ ڪيو ويو آهي آئون سمجهان ٿو ته هي پارٽي ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي جيڪڏهن ڪو ائين سمجهي ٿو. ان جي خام خيالي آهي
مشهور خبرون










