جي يو آءِ سڄي ملڪ ۾ روڊ کولي ڇڏيا، نفل ادا ڪريو

جي يو آءِ سڄي ملڪ ۾ روڊ کولي ڇڏيا، نفل ادا ڪريو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مولانا فضل الرحمان جي اپيل تي  سڄي ملڪ ۾ بند ڪيل روڊ جي يو آءِ (ف) روڊ رستا کولي ڇڏيا آهن. ڪالهه رات ايمرجنسي ۾ مولانا جي اپيل تي ملڪ جي ڪجهه شهرن ۾ قومي شاهراهه بند ڪيا ويا هئا. جيڪي ڪارڪن گرفتار ٿيا هئا انهن کي حڪومت رليز ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد مولانا جي حڪم تي روڊ کوليا ويا. ان کان اڳ مولانا جي اپيل تي روڊ بند ڪيا ويا هئا جن ۾ ڪوئٽا کان ڪراچي وارو رستو بند ڪيو ويو هو، پنوعاقل وٽ قومي شاهراهه بلاڪ ڪئي وئي هئي، ميرپورخاص روڊ، سهراب ڳوٺ وٽان قومي شاهراهه بند ڪئي وئي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ روڊ بلاڪ ڪي ويا هئا. جڏهن شيخ رشيد اعلان ڪيو ته جي يو آءِ جي ڪنهن به پارليامينٽيرين خلاف ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو ۽ کين ڪارڪنن سميت آزاد ڪيو ويو آهي ته جي يو آءِ بلاڪ روڊ کولي ڇڏيا. مولانا فضل الرحمان پارٽي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته جمعي نماز مهل شڪراني جا نفل ادا ڪيا وڃن. ياد رهي ته گذريل رات پوليس پارلياماني لاجز ۾ آپريشن ڪري جي يو آءِ جي رضاڪارن کي گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو