اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي (حڪومت ٺاهڻ) لاءِ مجلس وحدت مسلمين (ایم ڊبليو ايم) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت سان رابطا ڪري ورتا آهن.ذريعن موجب، پيپلز پارٽي وفاق ۾ موجود اپوزيشن سان ملي ڪري گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿي ۽ اپوزيشن قيادت ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ جي بي (گلگت بلتستان) ۾ حڪومت سازي تي مشاورت ۽ فيصلا ڪندي.ايم ڊبليو ايم جو هڪ ۽ پي ٽي آئي جا حمايت يافته 2 آزاد اميدوار گلگت بلتستان مان کٽيا آهن. ذريعن موجب، اپوزيشن وٽ جي بي ۾ عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽس جي سيٽن کي ملائي 5 ميمبرن جا ووٽ هوندا.










