راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي چالان جي ڪاپي فراهم ڪئي وئي.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي سانحي ۽ جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.پوليس اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت شاهه محمود کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 25 نومبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










