راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ شيخ رشيد، عمر ايوب خان، زرتاج گل ۽ ٻين جوابدارن خلاف فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي آهي.9 مئي تي ڌماڪي دوران جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جوابدارن خلاف ڏفيڙ، اهم عمارتن تي حملن ۽ باهه ڏيڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ شيخ رشيد، عمر ايوب خان، زرتاج گل، رشيد حفيظ، صداقت عباسي ۽ ٻين جوابدارن ۾ چالان جون ڪاپيون ورهايون ويون.عدالت جوابدارن خلاف فرد جرم جي ڪارروائي 8 نومبر تائين ملتوي ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.










