لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ زمان پارڪ لاهور ۾ پوليس تي حملن جي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس طارق سليم شيخ، جسٽس فاروق حيدر ۽ جسٽس امجد رفيق تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 28 صفحن تي ٻڌل متفقه فيصلو جاري ڪيو.عدالت حڪومتي قانون جي قائم ڪيل جي آءِ ٽي کي قانون موجب قرار ڏئي ڇڏيو.عدالتي فيصلي موجب درخواستگذار انفرادي طور ٽرائل ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي ٿو.










