ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا جا وڌيڪ ڪيس وڌيا ته حڪومت کي ٻيهر سخت قدم کڻڻا پوندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته صحت واري سيڪريٽري اجلاس کي بريفنگ ڏني. صحت واري سيڪريٽري بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 24 جون کان ڪورونا ڪيسن جو رجحان وڌڻ لڳو آهي ۽ 24 جون تي ڪورونا جا 248 مثبت ڪيس، 26 جون 337، 28 جون تي 431 ۽ 30 جون تي 465 مثبت ڪيس سامهون آيا.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪورونا مريضن جو انگ 63 آهي جنهن مان 4 وينٽيليٽرز تي آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ هفتيوار ڪورونا جا 19 سيڪڙو ڪيس سامهون اچن ٿا.ترجمان موجب ان موقعي تي وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته هو ڪورونا کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪن جڏهن ته ويڪسينيشن ۽ بوسٽر ڏنا وڃن. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪورونا جا وڌيڪ ڪيس وڌيا ته حڪومت کي ٻيهر سخت قدم کڻڻا پوندا.










