واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن جلدي ڪو امن معاهدو نه ٿيو ته اهو ايران لاءِ تمام ڏکيو ۽ خراب وقت هوندو. فرانسيسي خبرون ڏيندڙ اداري کي ٽيليفونڪ انٽرويو ڏيندي ٽرمپ چيو ته ايران جي پنهنجي مفاد ۾ آهي ته اهو ڪنهن معاهدي تي پهچي.ايراني ردعمل: ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته کين ٽرمپ انتظاميا پاران نئين سر ڳالهين جي خواهش جا پيغام مليا آهن، پر واشنگٽن (آمريڪا) جي حقيقي ارادن تي اڃا تائين بي اعتمادي برقرار آهي.
طوفان کان اڳ واري خاموشي: ٽرمپ پاران ايران جو نالو کڻڻ کان سواءِ دھمڪي آميز پيغام جاري
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ (سوشل ميڊيا) تي جاري ڪيل هڪ تصوير ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي هڪ بحري جهاز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن سان گڏ پيغام لکيل آهي ته “هي طوفان کان اڳ جي خاموشي هئي”. هڪ ٻي تصوير ۾ صدر ٽرمپ کي اشارو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ هن هڪ اهڙي ڪيپ (ٽوپي) پائي رکي آهي جنهن تي لکيل آهي ته “آمريڪا کي هڪ ڀيرو ٻيهر عظيم بڻايو” (Make America Great Again).
غزه ۾ اسرائيلي فوج جي جارحيت جاري، وڌيڪ 11 فلسطيني شهيد
اسرائيلي فوج پاران غزه ۾ وحشيانه ڪارروايون جاري آهن. صهيونستي فوج مختلف علائقن تي حملا ڪري وڌيڪ 11 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته انهن ڪارروائين دوران 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.
ايران اڱاري کان پنهنجي اسٽاڪ مارڪيٽ ٻيهر کولي ڇڏيندو
ايراني سيڪيورٽيز اينڊ اڪسچينج آرگنائيزيشن جي ڊپٽي سپروائيزر “حامد ياري” چيو آهي ته جنگ دوران اسٽاڪ مارڪيٽ بند ڪرڻ جو مقصد شيئر هولڊرز (سرممايه ڪارن) جي اثاثن جي حفاظت ڪرڻ هو. هن وڌيڪ چيو ته ان جو مقصد جنگ جي حالتن ۾ قيمتن جي تعين لاءِ وڌيڪ شفاف ماحول فراهم ڪرڻ پڻ هو.
اسرائيل جي اڳرائي کي روڪڻ کان سواءِ خطي ۾ حقيقي امن قائم نٿو ٿي سگهي: اردوان
ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته سڀ کان پهرين اسرائيل جي اشتعال انگيزي (شيطانت ۽ اڳرائي) کي روڪڻ ضروري آهي، ان کانپوءِ ئي ملڪن ۾ حقيقي امن قائم ڪري سگهجي ٿو. ترڪ ميڊيا موجب قازقستان تان واپسي واري اڏام دوران صحافين سان ڳالهائيندي اردوان چيو ته مان هر موقعي تي چوندو آهيان ته هن بحران جي بنيادي سببن مان هڪ سبب اسرائيل جون ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ اڳرايون آهن. اسرائيل چاهي ٿو ته هي جنگ سڄي خطي ۾ ڦهلجي وڃي ۽ اسان جي علائقي تي خوف ۽ بي يقيني جا ڪڪر وڌيڪ گهرا ٿين. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن خطي ۾ مستقل امن ۽ استحڪام گهرجي ته سڀني کي پنهنجا عارضي مفاد هڪ پاسي رکڻا پوندا. علائقي جي ملڪن کي ٻاهرين قوتن جي مفادن بدران پنهنجن شهرين جي حقن جو دفاع ڪرڻ گهرجي.










