شڪست نظر اچڻ بعد مخالف پروپيگنڊا ڪن پيا:مهر

شڪست نظر اچڻ بعد مخالف پروپيگنڊا ڪن پيا:مهر

خانپورمهر (ن سنڌيار) پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر خانپورمهر ۾ بلدياتي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي پارٽي ورڪر ڪيمپ آفيس جو افتتاح ڪيو،سردار محمد بخش بخش مهر هڪ دفعو ٻيهر الزامن جا تير هلائي ڇڏيا، مُونکي سمجھ ۾ نٿو اچي تہ جيڪي ووٽ نٿا وٺي سگهن اهي رڳو غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن: محمد بخش مهر، خبرموجب، پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان بلدياتي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ خانپورمهر ۾ پيپلزپارٽي جي پارٽي ورڪر ڪيمپ آفيس جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر چيو ته مان سمجهان ٿو تہ اسان جي فتح ٿي چڪي آهي جيڪو اڄ خانپورمهر جي عوام ثابت ڪيو آهي انشاءﷲ 26 تاريخ تي رزلٽ ڇا هوندو، هن چيو ته مخالف حاجي زبردست مهر لاءِ چئي رهيا آهن تہ هُو هتان جو نه آهي پر حقيقت هي آهي تہ هن سموري زندگي خانپورمهر وارن لاءِ وقف ڪئي آهي، محمد بخش مهر چيو ته مخالف اسان جي اميدوارن توڙي مختلف برادرين کي گهرائي چئي رهيا آهن تہ حاجي زبردست مهر وارا هتان جا نہ آهن، هتي مرحوم بابا سردار غلام محمد خان مهر کان وٺي هن مهل تائين جيڪي بہ نمائندا بيهاريا ويا انهن کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي تہ هو ماڻهن جي خدمت ڪن، محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته مخالفن کي ٻڌايان ٿو تہ اوهان ماڻهن کي گمراهي کان سواءِ ڪجهه نٿا ڏئي سگهو پر خانپورمهر واسي هاڻ گمراھ نہ ٿيندا، هن چيو ته مرحوم بابا سردارغلام محمد خان مهر شهرين جو هٿ نہ ڇڏيو ۽ آئون بہ شهرين سان جُڙيو رهندس، خانپورمهر واسين 2019 واري اليڪشن ۾ جهڙي نموني ڪامياب ڪيو اهو وقت ڪڏهن بہ نہ وسرندو، خانپورمهر واسين هميشہ جيان شاندار استقبال ڪيو آهي، ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي خانڳڙه تي چيئرمين جي اميدوار عبدالرزاق خان مهر چيو ته آئون اڳ ۾ ايم پي اي ٿي خانڳڙھ تعلقي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، هاڻ به عوام جي خدمت ڪنداسين هي اسان جي ابن ڏاڏن جو شهر آهي 60 سال کان وٺي اسان جي چاچي حاجي زبردست خان مهر جا عوام لاءِ دروازا کليل رهيا آهن، اها مخالفن جي ڀل آهي ته اسان کي حراسان ڪري اسان جي ووٽرن کي هيسايو ويندو اسان پنهنجي ووٽرن سان گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين، هن وڌيڪ چيو ته شيطاني اسان نٿا ڪيون پر جيڪي ڪري رهيا آهن انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا جيڪڏهن هٿ لائيندا ته هٿ جو جواب هٿ سان ۽ چماٽ جو جواب چماٽ سان ڏينداسين، آئون شڪر گذار آهيان سردار محمد بخش خان مهر جو جنهن پ پ جي ٽڪيٽ تي ٽائون ڪميٽي خانڳڙھ تي چيئرمين جي سيٽ تي بيهاريو آهي، ان موقعي تي حاجي زبردست خان مهر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو