ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا جيڪلين فرنينڊس 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڄ دهلي جي پٽيالا هائوس ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي.جيڪلين جي گرفتار ڪيل مبينا بواءِ فرينڊ اسڪيش چندر شيڪر تي عدالت ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، انڪري اداڪارا جي قانوني ٽيم گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪندي.جيڪلين کان گذريل هفتي دهلي پوليس جي اقتصادي ڏوهن جي ونگ کان ست ڪلاڪن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، ٻيو ڀيرو کيس ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو ويو.ڪيس جي جاچ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته چندر شيڪر اداڪارا جي ايجنٽ پرشانت کي سالگرهه تي موٽرسائيڪل ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي پر هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر چندر شيڪر موٽرسائيڪل ۽ ان جي چاٻي کڻي پرشانت جي گهر ڇڏي ويو هو، جنهن کي بعد ۾ پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو. چندر شيڪر هن وقت جيل ۾ آهي، مٿس اديتي سنگهه ۽ شويندر سنگهه کان 215 ڪروڙ ڀارتي روپيا ڀوڳڻ جو الزام آهي ۽ ان حوالي سان جوابدارن خلاف جاچ پڻ جاري آهي.










