جيڪب آباد: ڪارنهن الزام هيٺ چاچي هٿان ڀائٽي قتل

جيڪب آباد: ڪارنهن الزام هيٺ چاچي هٿان ڀائٽي قتل

جيڪب آباد:(ن س) جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ ولي محمد بيهڻ ۾ جوابدار صدام بيهڻ ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀائٽيءَ ريحانه بيهڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺڻ کان پوءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي نوجوان ڀائٽي ريحانه کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.هوڏانهن قتل ٿيل نوجوان ناري جي امڙ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته منهنجي ڌيءَ سارين جي رونبي تي هئي جتي سندس چاچي صدام کيس گوليون هڻي قتل ڪيو آهي ڪارنهن جو الزام ڪوڙو آهي. منهنجي ڌيءَ ڪاري نه هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو