جيڪا ڳالھ اسان پئي ڪئي، اھا اعظم خان ڪري ڇڏي:شرجيل ميمڻ

جيڪا ڳالھ اسان پئي ڪئي، اھا اعظم خان ڪري ڇڏي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جي انڪشافن تي ردعمل جو اظھار ڪندي چيو آھي ته جيڪا ڳالھ اسان پھرين ڏينھن کان ڪري رھيا ھُئاسين، اھا اڄ اعظم خان ڪري ڇڏي، عمران خان اقتدار بچائڻ لاءِ سائفر جو ڊرامو رچايو. پنھنجي ھڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته اعظم خان جي بيان کانپوءِ حقيقت سڀني جي سامھون اچي وئي آھي، ھڪ ٻھروپئي اقتدار خاطر پوري دنيا ۾ پاڪستان جي ڊپلوميسي کي ڪمپرومائز ڪيو. ھن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اقتدار بچائڻ لاءِ پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي کي داءُ تي لڳايو، عمران خان پاڪستان کي سفارتي ميدان ۾ تنھا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ خلاف ملڪ خلاف سازش جو ڪيس ھلائڻ گھرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو