جيو جو نئون ڊرامو، معاشرتي روين کي وائکو ڪرڻ سبب مقبول

جيو جو نئون ڊرامو، معاشرتي روين کي وائکو ڪرڻ سبب مقبول

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جيو جي ڊراما سيريل ’هڪ ٻيو پاڪيزه‘ جي چوٿين قسط معاشرتي روين جي ٻٽي معيار کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي۔
تازي قسط ۾ بئرسٽر ثمن، پاڪيزه جي والد کان پڇي ٿي ته وڊيو واري معاملي تي قانوني رستو ڇو نه اختيار ڪيو ويو، جنهن تي سندس جواب خاموشي جي صورت ۾ سامهون آيو۔
جڏهن پاڪيزه جي والد کان پڇيو ويو ته پيڪا ايڪٽ جي حوالي سان ڪيس ڇو داخل نه ڪيو ويو، ته هن ابتو پاڪيزه کي ئي الزام ڏنو ۽ چيو ته پاڪيزه گهر کان ٻاهر ڇو نڪتي هئي؟
واضح رهي ته جيو ٽي وي جي ڊراما سيريل ’هڪ ٻيو پاڪيزه‘ پنهنجي مقبوليت جون نيون منزلون طئي ڪري رهيو آهي۔ ڊرامي جي منفرد ۽ بهادر ڪهاڻي ناظرين جي ڀرپور توجهه حاصل ڪري رهي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو