جيها – ڏاهاڻي خوني تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي،هڪ ڄڻو قتل

جيها – ڏاهاڻي خوني تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي،هڪ ڄڻو قتل

نئون ديرو( ن س)جيها – ڏاهاڻي تڪرار هڪ قتل نئون ديرو لڳ جيها – ڏاهاڻي خوني تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي ڌرين جي فائرنگ ۾ جيها ڌر جو هڪ ڄڻو قتل ڳوٺ گلڻ جيهو واسي اسد پٽ علي حيدر جيهو مارجي ويو واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ رواني جيها – ڏاهاڻي تڪرار سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل ڌرين جي هڪٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران نوٽيس وٺي مقرر ڪيل وڏي پوليس نفري به ڌرين کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هلندڙ جهيڙي سبب جهيڙيندڙ ڌرين سميت ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا به گهرن تائين محدود ٿي ويا ۽ انهن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آهي واقعي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته مارجي ويل نوجوان گاھ ڪرڻ زمينن تي وڃي رهيو هو ته ڏاهاڻي ڌر جي هٿياربندن مٿس هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ،ڊي ايس پي نئون ديرو نثار احمد بروهي ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع مليو آهي پوليس پارٽي لاش کڻائڻ لاءِ جاءِ واردات تي رواني ڪري ڇڏي آهي – ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل جيها – ڏاهاڻي خوني تڪرار ۾ 15 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو آهي جنهن ۾ جيها ڌر جا 7 ۽ ڏاهاڻي ڌر جا 8 ماڻهون موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن،

پهنجو تبصرو موڪليو