جيمز ويب جي پهرين تصوير، لڪل ڪائنات اکين آڏو

جيمز ويب جي پهرين تصوير، لڪل ڪائنات اکين آڏو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي خلائي ايجنسي جيمس ويب خلائي دوربين پهريون ڀيرو ڪنهن ستاري تي فوڪس ڪري هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. انجنيئرن جو چوڻ آهي ته انهن تجرباتي طور تي هڪ ستاري تي فوڪس ڪيو ۽ تصوير جو معيار انهن جي توقع کان گهڻو وڌيڪ بهتر آهي. ھن مرحلي تائين پھچڻ لاءِ، ويب جي مرڪزي آئيني جي سڀني 18 حصن کي انساني وار جي باريڪي تائين فعال ڪرڻو هو. پر ناسا جو چوڻ آهي ته دوربين کي مڪمل فعال ڪرڻ لاءِ اڃا ڪافي ڪم ڪرڻو آهي. لي فينبرگ، جيمس ويب جي آپٽيڪل اوزار تيار ڪرڻ واري ٽيم جو سربراهه آهي، سندس چوڻ آهي ته پهرين تصوير “بهترين” آهي. ”توهان نه رڳو تارو ڏسندا آهيو ۽ ان مان روشنيءَ جا ٽڪرا ٽڪرا ٿيندا آهن، پر تصوير ۾ موجود ٻيا ستارا به چڱيءَ طرح فوڪس ۾آهن، جنهن جي اسان کي اميد هئي، ۽ پس منظر ۾ ٻيون به دلچسپ شيون آهن. “اسان حاصل ڪيل تصويرن جو هڪ تمام تفصيلي تجزيو ڪيو آهي، ۽ اسان ڏٺو آهي ته انهن جي ڪارڪردگي گهٽ ۾ گهٽ اسان جي اميدن کان وڌيڪ سٺي آهي، جيمس ويب کي هبل خلائي دوربين جو جانشين نامزد ڪيو ويو آهي. اها فرانسيسي شهرگيانا کان 25 ڊسمبر 2021 تي آرين 5 راڪيٽ ذريعي لانچ ڪئي وئي هئي. هن دوربين جو مقصد اسان جي ڪائنات ۾ چمڪندڙ اولين تارن کي ڏسڻ آهي. ان کان علاوه، دوربين اسان جي شمسي نظام کان پري سيارن کي جانچيندو ته ڇا اهي رهڻ لائق آهن. جيمز ويب کي هن مشن لاءِ ضروري درستي ۽ حساسيت ڏيارڻ لاءِ ڇهه ميٽر قطر جو مرڪزي آئينو لڳايو ويو آهي. پر اهو آئينو ايترو وڏو هو جو ان کي 18 حصن ۾ ورهايو ويو ته جيئن اهو راڪٽ جي اندر سمائجي وڃي. تنهنڪري لانچ کان وٺي اهم شيءِ آهي آئيني ۽ ٻين ڊوائيسز کي کولڻ ۽ هڪ ٻئي سان هم آهنگيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اهي سڀئي 18 آئينا ننڍين موٽرن ذريعي گڏ ڪيا ويا آهن ته جيئن اهي هڪ آئيني طور ڪم ڪن.

آمريڪي رياست ميري لينڊ جي شهر بالٽيمور، ۾ قائم اسپيس ٽيلي اسڪوپ سائنس انسٽيٽيوٽ جي مارشل پيرين جو چوڻ آهي ته”تصويرون هاڻي اوتري ئي فوڪس تي آهن جيترو فزڪس جا قانون اجازت ڏين ٿا،“ هن تجرباتي تصوير لاءِ چونڊيل تارو پنهنجي ذات ۾ منفرد نه آهي، پر هڪ عام ۽ اڻ ڄاتل تارو آهي، جنهن جي روشني مناسب هئي. جيمس ويب هن ستاري کي انفراريڊ ۾ ڏسي رهيو آهي. انساني اک روشنيءَ جي انهن لهرن کي ڏسي نٿي سگهي. يورپي اسپيس ايجنسي جي مارڪ ميڪ گريگور چيو آهي ته ستاري جون ڪنڊون نڪرڻ جو سبب جيمس ويب جي مکيه آئيني جي ڊيزائن آهي. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته ”انهن 18 آئينن جي بناوت اهڙي آهي، جنهن ۾ روشن تارا نمايان نظر اچن ٿا. اهو سائنس لاءِ ڪو مسئلو ناهي، پر اهو ويب تي ورتل تصويرن کي هڪ منفرد روپ ڏيندو. هن تصوير تي ويجھو نظر وجهڻ سان پس منظر ۾ اربين نوري سال پري ڪهڪشائون به نظر اچن ٿيون. ياد رهي ته هي هڪ تجرباتي تصوير آهي جيڪا صرف انجنيئرنگ جي مقصدن لاءِ ورتي وئي آهي. اهي تصويرون جيڪي هبل ٽيلي اسڪوپ اسان کي گذريل 30 سالن کان ڏيکاري رهيو آهي، اهي هن اونهاري کان اڳ موجود نه هونديون. ناسا جي گوڊارڊ اسپيس فلائيٽ سينٽر جي جين رگبي چيو آهي ته ”اڄ اسان جيڪي تصويرون ڏسون ٿا اهي اوتريون مبهم ۽ صاف آهن جيترو هبل ڪري سگهي ٿو، پر اهي روشنيءَ جي موج ۾ آهن جن کي هبل نه ٿي ڏسي سگهي. تنهن ڪري هن جو مطلب اهو آهي ته لڪل ڪائنات هاڻي اسان جي اکين اڳيان آهي. جيمس ويب اسپيس ٽيليسڪوپ آمريڪا، يورپي ۽ ڪينيڊا جي خلائي ايجنسين جي وچ ۾ هڪ گڏيل منصوبو آهي، جنهن ۾ ٻيا به ڪيترائي ملڪ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو