راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته اڄ پنڊي ۾ ڪميٽي چوڪ تي جيل ڀريو جلسو ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڀ کان پهريان 6 ايم اين ايز ۽ 14 ايم پي ايز کي گرفتار ڪيو ويندو.هن چيو ته عامر ڪياني کي پهريان گرفتار ڪيو ويندو.شيخ رشيد چيو ته ايندڙ 72 ڪلاڪ پاڪستان لاءِ اهم آهن، هاڻي ڪنهن جو پيءُ اليڪشن کي روڪي نٿو سگهي.










