جيل رولز فيصلو معطل، راجا جنھن نالا ڏي اھي خان سان ملندا،حڪم

جيل رولز فيصلو معطل، راجا جنھن نالا ڏي اھي خان سان ملندا،حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل کي سلمان اڪرم راجه جي فهرست ۾ شامل ماڻهن کي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل بينچ عمران خان سان جيل ۾ ملاقاتن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب امجد پرويز، عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم ۽ سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب سنگل رڪني بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ته جن رولز کي معطل ڪري ڇڏيو اهي وفاق جا رولز ئي نه آهن، 18هين ترميم کان پوءِ اهي رولز هاڻ پنجاب جي جيل جا رولز آهن.انهي موقعي تي سلمان اڪرم دليل ڏيندي چيو ته اوهان اسان جون توهين عدالت جون درخواستون اڄ ٻڌي وٺو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ملاقات جي درخواست داخل آهي. 24 مارچ تي انهي لارجر بينچ آرڊر ڪيو. عدالتي آرڊر تي ڪنهن هڪ ڏينهن به عمل نه ٿيو آهي.عمران خان جي وڪيل چيو ته عدالتي فيصلي موجب اسان هر ڀيري نالا ڏيندا آهيون پر اسان کي ملاقات جي اجازت نٿي ملي. لسٽ ۾ جيڪي نالا وڃن ٿا انهن ۾ ٻاهر جو ماڻهو ايڊ ڪيو ويندو آهي.انهي موقعي تي سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل عدالت کي ٻڌايو ته انهن جون باقاعده ملاقاتون ٿيون آهن، سلمان اڪرم راجه طرفان اسان وٽ ڪابه لسٽ نه آئي آهي. جنهن کان پوءِ عدالت سپرنٽينڊنٽ اڊياله جيل کي عمران خان سان جيل ۾ ملاقاتن جو 24 مارچ جي آرڊر تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت هدايت ڏني ته سلمان اڪرم راجه جيڪا فهرست ڏيندو انهي جي عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي.ھوڏانھن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنگل بينچ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ قيدين جي سياسي ڳالھين تي پابندي واري شق کي جيل رولز مان هٽايو ويو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ سنگل بينچ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي بينچ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي وئي هئي، پنجاب حڪومت سنگل بينچ جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، بهرحال، هاڻي پنجاب جي جيل رولز مان قيدين جي سياسي تقرير تي پابندي واري شق کي هٽائڻ جو فيصلو معطل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو