ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيستائين نيب آهي هي ملڪ نٿو هلي سگهي.ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ چوٿون سال آهي ته نيب ڪيس هلي رهيو آهي، عدالتن ۾ بيٺا آهيون. هن چيو ته جتي ناانصافي وڌندي اتي ملڪ نٿو هلي سگهي، عمران نيازي ۽ جاويد اقبال 4 سالن کان ماڻهن تي الزام لڳائي رهيا آهن، جيڪو به عدليه جو سربراهه هوندو ان کي پنهنجي اثاثن جو جواب ڏيڻو پوندو، جيستائين نيب هن ملڪ ۾ آهي. هلي نه ٿو سگهي هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته مان حڪومت ۾ ناهيان، حڪومتي پارٽي جو حصو آهيان، ڪنهن ڪم جو حصو ناهيان، ٻن توانائي وزيرن سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿئي ٿي ته ان جو ذميوار مفتاح اسماعيل آهي، مفتاح اسماعيل جي عمل جو ذميوار نه آهيان، پيٽروليم ليوي 50 رپيا ٿيڻ گهرجي، جيڪا هاڻي 35 رپيا ٿي وئي آهي، تيل جي قيمتن کي ڊي ريگوليٽ ڪيو وڃي. ته جيئن قيمت مارڪيٽ مطابق مقرر ڪئي وڃي.










