جيستائين صحافين جي آواز تڪڙي آهي، جمهوريت تي حملو نٿو ٿي سگهي

جيستائين صحافين جي آواز تڪڙي آهي، جمهوريت تي حملو نٿو ٿي سگهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيستائين صحافين جي آواز تڪڙي آهي جمهوريت تي حملو نٿو ٿي سگهي سومر تي حڪومت پاران صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز سان هيلٿ انشورنس جي اعلان تي وفاقي اطلاعات مريم اورنگزيب جي اعزاز ۾ استقبليه تقريب جو اهتمام ڪيو ويو تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته جنهن طرح سان صحافين استقبال ڪيو الفاذن ۾ موجود آهي پي ايف يو جي، آر آئي يو جي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو مريم اورنگزيب چيو ته شهبازشريف اپوزيشن ۾ هيا ته تمام صحافي اسان جي چيمبر ۾ ايندا هئا اهو صحافين جو حق آهي پيمرا جي قانون ۾ پهريون ڀيرو ڪائونسل آف ڪمپلين بڻائي وئي آهي جنهن تي صحافين کي شڪايت هئي اها قونصل ۾ رجسٽرڊ ڪرائي سگهي ٿو هڪ وقت ۾ آزادي صحافت ۾ مڪمل پابندي هئي ۽ اڄ تائين ڪنهن به حساس تنصيبات تي حملو ڪرڻ جي حمت ناهي ٿي هن چيو ته 4 سال ۾ ميڊيا تي الزام لڳايا ويا پي ايم ڊي اي جي صورت ۾ ڪارو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي صحافتي برادري جڏهن سامهون بيٺي آهي ته هو بل نافذ نه ٿي سگهيو ميڊيا ورڪرز جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 35 هزار رپين جو حڪم متعلقه مورم کي موڪليو ڇڏيو وفاقي وزير اطلاعات چيو اهي ته 4 سال اوهان ماڻهن کي سينيئر شپ جي خلاف آواز اٿاري جنهن ليڊر جون پاڙون عوام سان جڙيون آهن انهن جي خلاف ڪائي سازش ڪامياب نٿي ٿي سگهي ان جي زنده مثال ميان محمد نوازشريف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو