شڪارپور (عبدالخالق سومرو) جيئي سنڌ محاذ شڪارپور پاران سنڌ ۾ ڌارين جا ڊومسائيل ٺاهڻ خلاف اسداللّهُ سومرو ۽ عمران منگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب شڪارپور آڏو احتجاجي ڌرڻو ھڻي ڪيمپ قائم ڪري بک هڙتال ڪئي وئي، جتي اڳواڻن گهر ڪندي چيو ته جعلي ڊومسائيل ٺاهي سنڌ جي وجود ۽ شاگردن جي مستقبل کي داءُ تي لڳايو ويو آھي، اسين سنڌ حڪومت جي انهيء دشمنيءَ تي ٻڌل فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ مڃڻ لاءِ تيار ناهيون، ضلع شڪارپور ۾ 15 شڪي ڊومسائيل جيڪي ڌارين جا هئا انهن کي به ڊي سي شڪارپور ڪلئير قرار ڏنو آھي، جيڪا سنڌ سان وڏي ناجائزي آھي، اسين ڊي سي جي انهي انڪوائري کي رد ڪيون ٿا ۽ سنڌ جي اعلي اختيارن کي ٻيهر انڪوائري ڪرائڻ جي گهر ڪيون ٿا، انهي موقعي تي شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن ميان ظفر علي علوي، علي اصغر پهوڙ، علي احمد ٻروڙ , چاچو اسلام الدين لهر , اعجاز ڪاڪپوٽو ۽ شاعر اديب علي آغا دراني , سوشل ورڪر غلام حسين جتوئي ,آصف ڀيو , عرض محمد کوسو , شيڪل احمد ڏيٿو سرڪش ٻروڙ سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي.










