ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران مرڪزي جي سڏ تي ٽنڊو محمد خان ۾ پاڻي جي ڳوٺ مهانگائي ۽ بحرايه ٽائون منصوبي خلاف 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي ويئي آهي ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي زاھد جسڪاڻي ؛ اصغر نوناري ؛ ايوب ڪوريجو مختيار خاصخيلي سميت يڪجهتي طور جسقم ضلع ٽنڊو محمد خان اڳواڻن ظهور هاليپوٽو ايس يو پي اڳواڻ پپو ذوافقار ڀڙڳڙي ايس اين پي ضلعي صدر دودو ھاليپوٽو جسقم آريسر شاھ فھد ڀٽي سڪندر ڦلڪارو سفت اڳواڻ شھزاد بوزدار انسان دوست ٽرسٽ جي اڳواڻ شھزاد ڀٽي عبدالخالق ڪڇي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ لاڳاپيل ادارن کي حڪم ڏنو ھوته سنڌ دشمن منصوبي بحريه ٽائون کي ڊاھي پٽ ڪري والاريل زمين مقامي ماڻهن کي ڏني وڃي جنھن فيصلي تي اڃان تائين عمل نه ٿيو آھي سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زرخيز سرزمين کي بنجر بنائڻ جي سازش ٿي رھي آھي جنھن سازش کي ڪنھن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ سبب مھانگائي جو طوفان برپا ٿيو آھي جنھن سبب غريب عوام جي چيلھ چٻي ٿي وئي آھي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي 1991 ٺاھ تحت فوري پاڻي ڏنو وڃي ۽ سنڌ جي زمينن تي ڌارين جي والار بند ڪري مقامي ماڻھن کي قبضه ٿيل زمينون واپس ڪرايون وڃن هنن چيو ته حڪومت پاران غريب عوام مٿان مهنگائي جو ب ڪيرايو ويو آهي کادي پيتي جي شين ۾ گاٽي ٽوڙ مهنگائي ڪئي وئي آهي ماڻهون خودڪشيون ڪري رهيا غريب طبقي جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن هڪ ويلي لا۽ به پريشان بڻيل آهن هنن چيو ته حڪومت غريب عوام لا۽ ڪوبه ريليف مهيا نه پئي ڪري ڪري اسان حڪومت سان مطالبو ٿا ڪريون اسان جا جائيز مسئلا آهن جيڪي کڻي نڪتا آهيون جيڪي بنادير حل ڪيا وڃن










