ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ ملڪي سياست تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، وڌيڪ اهم فيصلا هاڻي ٿيڻا آهن، ماضي جي فيصلن کي درست ڪرڻ لاءِ اهم فيصلا هاڻي ڪرڻا آهن. هن چيو ته جيئن عمران خان کي آندو ويو هو پنهنجي جاءِ تي واپس هليو ويندو، مائنس ون اڳ به ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي مائنس 2 ۽ ٽين جا چانس آهن، ٿي سگهي ٿو وڌيڪ زور مائنس تي ڏنو وڃي. منظور وساڻ چيو ته عام چونڊون 2023ع ۾ مقرر وقت تي ٿينديون.










