جوڪو وچ ستون ڀيرو ومبلڊن ٽائيٽل کٽي ورتو

جوڪو وچ ستون ڀيرو ومبلڊن ٽائيٽل کٽي ورتو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) سربيا جي ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ آسٽريليا جي نڪ ڪيريوس کي شڪست ڏئي ستون ڀيرو ومبلڊن چيمپيئن شپ کٽي ورتي. ومبلڊن چيمپيئن شپ جو فائنل سربين ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ ۽ نوجوان آسٽريلوي نڪ ڪيريوس جي وچ ۾ ٽي ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن ۾ جوڪووچ چئن سيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. نڪ ڪيريوس پهريون سيٽ 4-6، نواڪ جوڪووچ ٻيو سيٽ 3-6 ۽ ٽيون سيٽ 4-6 تان کٽي فائنل ۾ برتري حاصل ڪري ورتي. چوٿين سيٽ ۾ ٻنهي وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، جنهن کي نواڪ جوڪووچ ڀرپور تجربي جو مظاهرو ڪندي 6-7 تان ڪاميابي حاصل ڪري ستين ڀيرو ومبلڊن ٽينس چيمپيئن شپ کٽي ورتي. هي سندس ڪيريئر جو 21 هون گرانڊ سلم ٽائيٽل آهي، هن 20 گرينڊ سلم ٽائيٽل کٽيندڙ راجر فيڊرر کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هاڻي رافيل نڊال کان صرف هڪ ٽائيٽل پري آهي، جيڪو 22 ٽائيٽل کٽي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو