ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ڇوڪريءَ جي جنسي حملو ڪرڻ جي الزام ۾ پوليس هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ايس ايس پي ايسٽ زبير شيخ موجب شڪي شخص سي سي ٽي وي وڊيو ۾ منظر ايندڙ شخص سان مشابهت رکي ٿو، حراست هيٺ شخص کان موٽر سائيڪل به تحويل ۾ ورتي آهي، جيڪا وڊيو ۾ نظر ايندڙ موٽر سائيڪل جهڙي لڳي ٿي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.واضح رهي ته گلستان جوهر ۾ جوابدار گهٽي مان گذرندڙ ناريءَ تي جنسي حملو ڪيو هو، جنهن جو ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.










