جوابدارن جي گرفتاري تان پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ جهيڙو، 2 زخمي

ميهڙ (غلام حسين پنهور) ڳوٺ الله ڏنو جانوري تي ميهڙ پوليس چڙهائي ڪري 2 موٽر سائيڪلن جي ڦرن ۾ گهربل جوابدار ثناءُ الله جانوري ۽ محسن جانوري جي گرفتاري لاءِ گهر تي چڙهائي، مزاحمت تي ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ چڪريون، فائرنگ سبب هڪ عورت زرينه جانوري ۽ پوليس اهلڪار آفتاب علي چانڊيو زخمي ٿي پيا. ايس ايڇ او ميهڙ عبدالمنيم لاڙڪ ٻڌايو ته ڳوٺاڻن پوليس مٿان فائرنگ به ڪئي جڏھن ته  فائرنگ ۾ هڪ عورت زرينه زال عرض محمد جانوري زخمي ٿي پئي آهي زخمين کي تعلقي اسپتال ميهڙ بعد لاڙڪاڻي نيو ويو آهي. ڳوٺاڻن پاران ميهڙ پوليس جي زيادتين خلاف انڊس هاءِ وي اٽڪ پمپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.

مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب  لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس بنا سبب جي اسان جي گهرن تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ عورت زخمي به ٿي آهي. جڏهن ته ميهڙ انڊس هاءِ وي تي جانوري برادري جو ميهڙ پوليس خلاف لڳل ڌرڻي واري هنڌ اي ايس پي انيل حيدر، ڊي ايس پي ڪي اين شاه جاويد اقبال ۽ ايس ايڇ او ٿرڙي محبت سجاد جمالي ۽ ٻين پهچي ڳالهيون ڪري زخمي عورت ۽ زخمي پوليس اهلڪار جي ميڊيڪل رپورٽ مطابق جانچ ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل، وقار خان جانوري چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڀلي ڪارروائي ڪري پر عورتن تي گوليون هلائڻ ڪٿي جو قانون آھي انصاف نه ٿيو ته اسين ڪورٽ وينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو