جهمپير ٺٽو روڊ ٺهرايو، 5 ڏينهن واري هڙتال ختم

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)پريس ڪلب جھپير پاران ٺٽو وايا جهمپير روڊ جي بحالي لاء اعلانيل 5 ڏينھن واري علامتي بک ھڙتال پريس ڪلب جهمپير اڳيان  پڄاڻي تي پھچائي ويئي، جتي علامتي بک ھڙتال جي آخري ڏينھن تي به سياسي،  سماجي، شھرين ۽ ڪوھستان واسين جي آمد وارو سلسلو جاري رھيو، علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ تي بار جي وڪيلن آيڊوڪيٽ آفتاب ميمڻ، وڪيل اعظم گوپانگ ،وقار ميمڻ، جسقم جي اسدگوپانگ، جماعت اسلامي جي نور محمد شورو، قومي عوامي تحريڪ ٺٽي جي ياسر جاکرو، ايس يو پي جي محمد بخش مري، احمد سولنگي دارا گوپانگ، مير خان شورو،  ايس ٽي پي اڳواڻ اسلم پالاري، شھيد ڀٽو اڳواڻ عاشق پالاري، عوامي تحريڪ جي فيصل رضا پالاري، رحمان چانگ، قومي عوامي تحريڪ جي جميل پالاري، ياسين درس، ملاح اڳواڻ آصف ملاح سميت شهرين ۽ ڪوھستان واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظھار ڪري علامتي بک هڙتال تي ويٺا، ان موقعي تي پريس ڪلب جھمپير جي صدر نظير احمد پالاري، خداڏنو پالاري، حميد پالاري، اسماعيل درس، اڪبر شورو ۽ ٻين چيو تہ ٺٽو وايا جھمپير روڊ سالن کان وٺي مرمت نہ ٿيڻ ڪري مڪمل ٽٽي مٽي جو ڍير بڻجي ويو اھي، جيڪو گاڏين جي ھلڻ جي ڪابل ناھي رھيو، جنھن ڪري گاڏين کي نقصان پھچڻ بہ روز جو معمول بڻيل اھي، روڊ جي بحالي لاء سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميہ سميت چونڊيل نمائندہ ڪوبہ تحرڪ وٺڻ لاء تيار ناھن، جنھن ڪري پريس ڪلب جھمپير پاران روڊ جي نئي سر تعمير لاء 5 ڏينھن جي علامتي بک ھڙتال جاري رکي ويئي، جنھن تي سياسي، دماجي اڳواڻن، شھرين، سول سوسائٽي جي نمائندن، قومپرست اڳواڻن سميت سمورن ڏرين جي ماڻھن سان گڏ ڪوھستان واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري يڪجھتي جو اظھار ڪيو، پر افسوس جو چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميہ سميت سنڌ حڪومت جي ڪنھن بہ نمائندي شرڪت ناھي ڪئي. ھنن چيو تہ اسان سڀني آيل دوستن جا ٿورائتا آھيون، جن اسان سان ساٿ نڀايو. ھنن چيو تہ اسان خاموش نہ ويھنداسين پنھنجي قلم وسيلي روڊ جي تعمير سميت سمورن مسئلن جي نشاندھي ڪري انھن جي حل تائين لکڻ سميت اسانجي جدوجھد بہ جاري رھندي. ھنن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميہ سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو تہ فورن ٺٽو وايا جھمپير روڊ جي نئي سر تعمير ڪرائي ڪوھستان واسين کي سفر جون بھتر سھولتون مھيا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سمورن مسئلن جي حل لاء راء عمل جوڙي ٻئي مرحلي ۾ جدوجھد کي وڌيڪ تيز ڪري روڊ جي نئين سر تعمير تائين جدوجھد کي جاري رکڻ سميت روڊ جي تعمير نہ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪوبہ اميدوار ڪوھستان واسين جي ووٽ ۾ ڪابہ اميد نہ رکي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو