ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي جهانگير روڊ جي رهواسين پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.ٽريفڪ پوليس موجب احتجاج سبب جهانگير روڊ جا ٻئي ٽريڪ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا.گرومندرا کان ايندڙ ۽ ويندڙ ٽن رستن تي ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته نمائش طرف ايندڙ ٽريفڪ کي گرومندر کان لسبيلا ۽ جمشيد روڊ ڏانهن موڙيو پيو وڃي.ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته ٽين هٽي کان ايندڙ ٽريفڪ کي پي آءِ بي طرف موڙيو ويو آهي.پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار واقعي واري هنڌ موجود آهن.










