جن ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ٿيون اهي پارليامينٽ ۾ ويهن: جسٽس اطهر

جن ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ٿيون اهي پارليامينٽ ۾ ويهن: جسٽس اطهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته عوام اعتماد ڪري نمائندا پارليامينٽ ۾ موڪليا، جن جون استعيفائون قبول نه ٿيون، اهي وڃي پارليامينٽ ۾ ويٺا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پي ٽي آءِ جي 10 استعيفيٰ ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ جو وڪيل بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو.جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت پارليامينٽ جو احترام ڪري ٿي، ڇا اها سياسي پارٽي جي پاليسي آهي؟ باقي جي استعيفيٰ اڃا قبول ناهي ڪئي وئي، عوام اعتماد ڪري نمائندن کي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي.درخواستگذار چيو ته عدالت استعيفائن جي منظوري بابت اسپيڪر کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جي هدايت ڪري، جسٽس اطهر من الله چيو ته هي عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي هدايتون جاري نٿي ڪري سگهي، رڳو استعيفيٰ جي منظوري لاءِ چيو وڃي.جسٽس اطهر من الله چيو ته هي سياسي تڪرار آهن، پارليامينٽ سياسي تڪرار حل ڪرڻ جي جاءِ آهي، توهان کي سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن مسئلن جي حل لاءِ، ڇا اهي استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبر واقعي پارليامينٽ ۾ وڃي عوام جي خدمت ڪرڻ چاهين ٿا؟ انهن ميمبرن جو فرض آهي ته اهي پارليامينٽ ۾ عوام جي نمائندگي ڪن، اهو نه رڳو انهن ميمبرن جو پر ان حلقي جي عوام جو به مسئلو آهي جيڪي نمائندگي کان محروم آهن.چيف جسٽس چيو ته 70 سالن ۾ عدالتون ڪيترن ئي سياسي معاملن ۾ ملوث رهيون، جنهن سبب عدليه کي نقصان ٿيو.بئريسٽر علي ظفر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته جيڪڏهن توهان استعيفيٰ جي منظوري جو حڪم معطل ڪيو ته توهان وڃي اسپيڪر سان ڳالهائي سگهو ٿا، ان تي جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت توهان کي سياسي ڳالهه ٻولهه جي سهولت نه ڏيندي، درخواستگذارن چيو ته هو نه ٿا مڃين. پارليامينٽ، سياسي عدم استحڪام چاهي ٿي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، توهان پارليامينٽ ۾ وڃو ۽ پنهنجي نيڪ نيت جو ثبوت ڏيو، پارليامينٽ جي بي عزتي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو