پنهنجي تازي جنگي اپڊيٽ ۾، اسرائيل جي فوج چوي ٿي ته سندس ايئر فورس جنگ دوران ايران ۾ 300 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل لانچرز کي نشانو بڻائي انهن کي ناڪارا ڪري ڇڏيو آهي. فوجي ترجمان چوي ٿو ته خاص طور تي اولهه ايران ۾ لانچرز تي ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن ايران جي اسرائيلي علائقي تي فائر ڪرڻ جي صلاحيت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪجي.
ايران پاران سعودي عرب جو شڪريو، ڀارتي ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن ۾ ڳالهه ٻولهه
سعودي عرب ۾ ايراني سفير علي رضا عنايتي سعودي عرب جي ان اعلان کي ڀليڪار ڪندي سندن شڪريو ادا ڪيو اهي. جنهن ۾ سعودي عرب هر هر اها ڳالهه ورجائي آهي ته هو ايران خلاف پنهنجي زميني، سامونڊي ۽ هوائي حدون استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.
ٻئي پاسي ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر ايراني هم منصب سان فون تي ڳالهايو آهي. ٻنهي ڌرين پاران سرڪاري طور تي ڳالهه ٻولهه جو تفصيل جاري ناهي ڪيو ويو. هي ڳالهه ٻولهه اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن ايراني نيوي جي جهاز کي آمريڪي سب ميرين تباهه ڪيو، جنهن ۾30 کان مٿي فوجين کي سريلنڪا نيوي ريسڪيو ڪيو، 80 کان مٿي فوجي مري ويا ۽ درجنين لاپتا آهن. ايراني جهاز ڀارت سان جنگي مشقن تان واپسي تي تباهه ٿيو. ٻيو ته ڀارت هرمز لنگهه ذريعي وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گيس گهرائيندو آهي.
’ڊبليو ايڇ او‘ پاران ايران ۾ 13 اسپتالن تي حملن جي تصديق
صحت جي عالمي اداري (WHO) جي ڊائريڪٽر ٽيڊروس گيبريسس چيو آهي ته جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي ايران ۾ 13 صحت جي سهولتن ۽ هڪ لبناني اسپتال تي حملا ٿيا آهن. هن اهو نه ٻڌايو ته انهن حملن جو ذميوار ڪير آهي يا وڌيڪ تفصيل نه ڏنا. ايراني پارليامينٽ جي صحت ڪميٽي جي ميمبر اسرائيل ۽ آمريڪا تي الزام لڳايو ته اهي ڄاڻي واڻي اسپتالن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. ٻئي پاسي ڊبليو ايڇ جي بيان موجب دبئي ۾ هنن آپريشنز معطل ڪيا آهن.
اسرائيل پاران لبنان ۾ حماس ڪمانڊر مارڻ جي دعويٰ
اسرائيلي فوج چوي ٿي ته هن لبنان جي اترئين شهر طرابلس ۾ حماس جي هڪ ڪمانڊر *وسيم عطالله علي* کي نشانو بڻائي ماريو آهي. ٽيليگرام تي جاري بيان ۾ فوج چيو ته ساموندي فورس علي کي ماريو آهي، هو حماس جي جنگجوئن کي تربيت ڏئي رهيو هو. حماس طرفان فوري طور تي ڪو به جواب نه آيو آهي. ٻئي پاسي لبنان جي صحت واري وزارت جاري ڪيل بيان ۾ بڌايو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ فوتين جو انگ 100 ٿي ويو آهي.
آذربائيجان، ايران کي حملي جو مناسب جواب ڏيڻ جو حڪم
آذر بائيجان جي وزيراعظم الهام عليوف پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو آهي ته ايران کي حملي جو مناسب جواب ڏنو وڃي. بي بي سي جي رپورٽ موجب 2 ايراني ڊرونز آزر بائيجان جي هوائي اڏي ۽ شهري علائقي ۾ ڪريا هن، جنهن سبب 2 شهري زخمي ٿيا آهن. آذربائيجان فضائي حدون بند ڪري ڇڏيون هن. ايراني فوج جي جنرل اسٽاف حملي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسرائيل حملو ڪيو هوندو.
سمنڊ ۾ 20 هزار عملو ۽ 15 هزار مسافر ڦاٿل آهن، يو اين
گڏيل قومن جي انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائيزيشن (IMO) اي ايف پي خبري ايجنسي کي ٻڌايو آهي ته تقريبن 20,000 جهازي عملي (seafarers) ۽ 15,000 ڪروز جهازن جا مسافر جنگ جي ڪري خليج ۾ ڦاٿل آهن. شپنگ ريگيوليٽر جي سيڪريٽري جنرل آرسينيو ڊومنگيز چيو ته “IMO سڀني لاڳاپيل پارٽين سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته متاثر ٿيل جهازي عملي جي حفاظت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي سگهجي”. جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي، IMO علائقي ۾ جهازن سان لاڳاپيل ست واقعا رڪارڊ ڪيا آهن، جن ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 7 ٻيا زخمي ٿيا آهن. ڊومنگيز چيو ته “انهن خوفناڪ حملن جي معاشي اثر کان علاوه، اهو هڪ انساني مسئلو آهي. معصوم جهازي عملي تي ڪو به حملو ڪڏهن به جائز ناهي.” هن وڌيڪ چيو ته “مان سڀني شپنگ ڪمپنين کي متاثر علائقي ۾ آپريشن ڪرڻ وقت وڌ کان وڌ احتياط ڪرڻ جي اپيل ورجائيان ٿو.”ايران عملي طور تي *هرمز جو لنگهه* بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان دنيا جي خام تيل جو پنجون حصو ۽ پاڻياٺي گيس جو وڏون مقدار هتان گذري ٿو.
ايران دعوا ڪئي آهي ته آمريڪا جا 500 فوجي مئا آهن
ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه علي لاريجاني دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي حملي ۾ 500 کان وڌيڪ آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن.ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، علي لاريجاني چيو ته ٽرمپ آمريڪي عوام کي نيتن ياهو جي بيوقوفانه ڪاررواين جي نتيجي ۾ ايران خلاف هڪ ناانصافي جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.علي لاريجاني چيو ته هاڻي انهن کي پاڻ حساب ڪرڻ گهرجي ڇو ته تازن ڏينهن ۾ 500 کان وڌيڪ آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن. ڇا آمريڪا پهرين آهي يا اسرائيل اڃا تائين پهرين؟ ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه وڌيڪ چيو ته سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت جي توهان کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
سفارتڪاري ذريعي جنگ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي، ايراني صدر
ايراني صدر مسعود پيشمرگا پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن کي پيغام جاري ڪندي چيو ته ته اسان سفارتڪاري ذريعي جنگ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر صيهوني آمريڪي فوج جي جارحيت اسان کي پنهنجو دفاع ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه ڇڏيو.پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان توهان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا ۽ اسان جو يقين آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام صرف هتي جي رياستن جي گڏيل ڪوششن ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ايران پاران آمريڪي جهاز ڪيرائڻ جي دعوا رد
ايران جي انقلابي گارڊ (IRGC) دعويٰ ڪئي آهي ته هن ملڪ جي ڏکڻ اولهه واري سرحد جي ويجهو هڪ آمريڪي **F-15E** اسٽرائيڪ جهاز کي ڪيرايو آهي، اهو سيمي آفيشل خابرو ايجنسي **تسنيم** رپورٽ ڪري رهي آهي.
آمريڪي فوج انهن رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
تسنيم، IRGC جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪئي ته ٻن سيٽن وارو جهاز “نشانو بڻايو ويو ۽ ڪري پيو”، پر واقعي جي وقت بابت ڪو تفصيل نه ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي پائلٽن بابت ڪا معلومات ڏني وئي آهي.
يو ايس سينٽڪام (CENTCOM) ايڪس تي پوسٽ ڪيو ته “سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ افواہون ته اربع جي صبح جو هڪ آمريڪي F-15E جهاز ايران ۾ ڪري پيو آهي، اهي بي بنياد ۽ غلط آهن.”
ايران ۾ آمريڪي فوج موڪلڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، وائيٽ هائوس
وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن لوٽ چيو ته هن وقت ايران ۾ آمريڪي زميني فوج موڪلڻ جو ڪو به ارادو ناهي.پريس بريفنگ دوران، هن چيو ته ايران 47 سالن کان آمريڪا ۽ ان جي اتحادين لاءِ خطرو رهيو آهي، ۽ آمريڪي عوام ڄاڻن ٿا ته اهو هڪ باغي ۽ دهشتگرد رياست آهي.ڪيرولائن لوٽ چيو ته آمريڪي صدر جو خيال آهي ته ايران خلاف جنگ ۾ کيس آمريڪين جي حمايت حاصل آهي.ترجمان چيو ته اهي آبنائے هرمز کي محفوظ بڻائڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ آبنائے هرمز ۾ تيل جي ٽينڪرن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب، صدر ٽرمپ ايران ۾ فوجي ڪارروائي کان پوءِ ايران ۾ آمريڪي ڪردار بابت پنهنجن صلاحڪارن سان صلاح مشورو ڪري رهيو آهي.ترجمان اهو به چيو ته اسپين آمريڪي فوج سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ايراني قيادت کي ختم ڪريون پيا، ٽرمپ پاران حملا جاري رکڻ جو اعلان
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي حملن جي جاري رهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ايراني قيادت کي تيزي سان ختم ڪيو پيو وڃي، ۽ جيڪو به ايران ۾ اڳواڻ بڻجڻ چاهي ٿو ان کي قتل ڪيو پيو وڃي.آمريڪي صدر گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان ايران جي معاملي ۾ تمام مضبوط پوزيشن ۾ آهيون. ايران جا ميزائل ۽ لانچر ختم ڪيا پيا وڃن. اسان جنگ جي محاذ تي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهيون، صورتحال توقع کان به بهتر آهي.صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن اسان ايران تي حملو نه ڪيو ها ته ايران اسان تي حملو ڪري ها، اسان ايراني حملي کان اڳ ايران تي حملو ڪيو، جيڪڏهن اسان ايران تي حملو نه ڪيو ها ته ايران جلد ئي ايٽمي بم ٺاهي ها.ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران پنهنجي پاڙيسرين ۽ اتحادين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جڏهن پاگل ماڻهن وٽ ايٽمي هٿيار هوندا آهن ته خراب شيون ٿينديون آهن. اسان ايران ۾ 47 سالن کان جاري قتل عام کي روڪيو. آمريڪي صدر اڳوڻي صدر اوباما جي ايران سان ايٽمي معاهدي تي به تنقيد ڪئي.ان دوران، وائيٽ هائوس چيو ته آمريڪي صدر جو خيال آهي ته کيس ايران جنگ لاءِ آمريڪي حمايت حاصل آهي، ۽ اهو به دعويٰ ڪئي ته اسپين آمريڪي فوج سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
آمريڪي سينيٽ ۾ ايران تي حملي لاءِ ڪانگريس جي منظوري جي قرارداد رد
آمريڪي سينيٽ صدر ٽرمپ تي ڪانگريس جي منظوري کانسواءِ ايران تي حملو بند ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ واري قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو آهي.100 ميمبرن واري سينيٽ قرارداد کي رد ڪرڻ لاءِ 52 جي مقابلي ۾ 47 ووٽ ڏنا. سينيٽرن جي اڪثريت ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي حمايت ڪئي.ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن ٻنهي جي سينيٽرن پاران پيش ڪيل قرارداد ۾ ايران تي هوائي حملا بند ڪرڻ ۽ ڪانگريس کي حملي جي منظوري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.صدر ٽرمپ جي ريپبلڪن پارٽي آمريڪي سينيٽ ۾ اڪثريت رکي ٿي، جنهن ۾ ريپبلڪن 53 سيٽون ۽ مخالف ڊيموڪريٽس 45 سيٽون رکي ٿي. ٻه آزاد اميدوار ڊيموڪريٽس جي حق ۾ آهن.
ايران خلاف هڪ غير ضروري جنگ وڙهي پئي وڃي، اڳوڻي ايم آءِ ڇهه سربراهه
برطانوي انٽيليجنس ايجنسي MI6 جي اڳوڻي سربراهه جان سوارٽز چيو آهي ته ايران خلاف هڪ غير ضروري جنگ وڙهي پئي وڃي.آمريڪي ٽي وي سان هڪ انٽرويو ۾، هن چيو ته ايران سان جنگ جي ڪا ضرورت ناهي ڇو ته ايران کان اڳواٽ حملي جو ڪو به خطرو ناهي .MI6 جي اڳوڻي سربراهه چيو ته جيڪڏهن ايران ۾ صورتحال هاڻي تمام گهڻي بهتر هجي ها ته به اها وينزويلا جهڙي هجي ها، پر ان کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال جو خطرو آهي.
عراقي ڪردن ايران تي زميني حملو شروع ڪري ڇڏيو، آمريڪي دعويٰ
آمريڪي عملدارن دعويٰ ڪئي ته عراقي ڪردن ايران تي زميني حملو شروع ڪري ڇڏيو، آمريڪي ٽي وي سان ڳالهائيندي هڪ آفيسر چيو ته 1,000 عراقي ڪردن ايران خلاف زميني آپريشن شروع ڪيو آهي ۽ هزارين ڪرد سرحد پار ڪري ايراني علائقي ۾ داخل ٿي رهيا آهن. آمريڪي جنگ جي سيڪريٽري پيٽ هيگسيٿ اهو به چيو هو ته آمريڪي فوج ايران خلاف باغين کي هٿيار نه ڏئي رهي آهي، پر هن اهو به چيو ته آمريڪي حڪومت جا ٻيا حصا شايد هن ڪم ۾ شامل هئا.ٻئي طرف، ايراني نيوز ايجنسي ڪرد جنگجوئن جي ايران جي سرحدي صوبن ۾ داخل ٿيڻ جي رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو.










