جنگ بندي جون ڳالهيون اڄ  ٿينديون، حماس جو شرڪت کان انڪار

جنگ بندي جون ڳالهيون اڄ ٿينديون، حماس جو شرڪت کان انڪار

دوحه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ جنگ بندي معاهدي لاءِ ڳالهيون اڄ قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ شروع ٿينديون، جڏهن ته فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس ڳالهين ۾ شرڪت کان انڪار ڪندي جولاءِ واري معاهدي تي عملدرآمد تي زور ڏنو آهي.قطر ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ ڳالهين ۾ اسرائيلي، مصري، آمريڪي ۽ قطري اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا، جڏهن ته حماس غزه ۾ جنگبندي لاءِ نئين ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪري رهي آهي.الجزيره سان ڳالهائيندي حماس جي سياسي ونگ جي اڳواڻ اسامه حمدان چيو ته ”اسان امن ڳالهين جي ثالثن کان اميد رکون ٿا ته جولاءِ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۽ معاهدي جي آڇ تي عملدرآمد جي حوالي سان ڳالهيون ٿينديون، نه ته وري نئين ڳالهين جي شروعات ڪندا. وڃو ڇو ته ان صورت ۾ حماس وٽ ڳالهين ۾ حصو وٺڻ جو ڪو سبب ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو