جنرل سيد عامر عهدو سنڀالي ورتو، فيلڊ مارشل سان ملاقات

جنرل سيد عامر عهدو سنڀالي ورتو، فيلڊ مارشل سان ملاقات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): جنرل سيد عامر رضا سرڪاري طور تي ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جو اعليٰ منصب سنڀالي ورتو آهي، جنهن تي کيس فوج جي چاق و چوبند دستي پاران شاندار گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) موجب، عهدو سنڀالڻ بعد نئين ڪمانڊر يادگارِ شهدا جو دورو ڪيو، جتي هن گلن جي چادر چاڙهي ۽ ملڪ و ملت جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي درجات جي بلندي لاءِ دعا گهري. آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران فيلڊ مارشل پاران جنرل سيد عامر رضا کي نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي اهم ترين ذميواري سنڀالڻ تي دل جي گهرائي سان مبارڪباد پيش ڪئي وئي ۽ سندس نئين سفر لاءِ نيڪ تمنائون ۽ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو