جناح اسپتال ۾ ‘ايڊوانسڊ آرٿوپيڊڪ سروسز ۽ فليبوٽومي يونٽ’ جو افتتاح

جناح اسپتال ۾ ‘ايڊوانسڊ آرٿوپيڊڪ سروسز ۽ فليبوٽومي يونٽ’ جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ صحت جو شعيو هميشه ترقي، جدت ۽ عوامي خدمت جي علامت رهيو آهي. ان ئي تسلسل کي اڳتي وڌائيندي صحت ۽بھبود آبادي واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۾ ‘ايڊوانسڊ آرٿوپيڊڪ سروسز ۽ فليبوٽومي يونٽ’ جو افتتاح ڪيو آهي. سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته ان ايڊوانسڊ سروسز ۽ يونٽس جو مقصد هڏن، جوڙن، راندين سان لاڳاپيل رانديگرن جي زخمن، ٻارن جي هڏين جي بيمارين ۽ هڏين جي ڳوڙهن جي مريضن کي عالمي معيار جي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ملڪ جي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهريون ڀيرو جديد آرٿوپيڊڪ سب اسپيشلٽي ڪلينڪس ۽ فليبوٽومي يونٽ ٺاهڻ اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽرن صحت واري صوبائي وزير کي نئين آپريشن ٿيئٽرز، ڪلينڪس ۽ فليبوٽومي يونٽ بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته انهن جديد سهولتن سان مريضن کي فوري ۽ بهتر علاج ملي سگهندو. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو نون يونٽس جو معائنو ڪيو ۽ مريضن سان ملاقات پڻ ڪئي.صحت واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته حڪومت صوبي جي سڀني ضلعن ۾ خاص سرجيڪل سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن عوام کي علاج لاءِ ٻين شهرن جو رخ نه ڪرڻو پوي. هي يونٽس عوام لاءِ سنڌ حڪومت جو وڏو تحفو آهن جيڪي معياري علاج، تربيت يافته عملي ۽ جديد سهولتن سان ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻيندا. افتتاح جي موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پي ايم سي پروفيسر شاهد رسول، پرو وائيس چانسلر پروفيسر نگهت شاهه ۽ ٻين ماهرن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو