گڏاپ(رپورٽر) جماعت اصلاح المسلمين ضلع ملير زون ون جي سر پرستي ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي حوالي سان مدرسه انوارالطاھريا جي شاگردن پاران لاسي ڳوٺ کان ايوب ڳوٺ تائين ريلي ڪڍي ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ غلامان رسول شرڪت ڪئي ريلي ۾ موجود مديني واري سائين جي چاهيندڙن جي ھٿن ۾ جھنڊا ۽ پينا فليڪس ھئا جيڪي ليبڪ يا رسول جا نعرا لڳائي رھيا ھئا جشن عيدميلادالنبي جي ريلي جي صدارت ضلعي صدر قاري محمد اسلم طاھري قريشي ڪئي ريلي جامع مسجد نوراني لاسي ڳوٺ مان ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن ۽ چوڪن کان ٿيندي جامع مسجد نوراني تي اچي پھچي احتمام پزير ٿي ان موقعي جماعت اصلاح المسلمين ضلع ملير زون ون جي فناس سيڪريٽري دلشاد برفت طاھري برانچ لاسي ڳوٺ نورالاسلام الطاھر ميلاد ڪميٽي جي عھديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي










