راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي ۽ حڪومتي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 14 ڏينهن وارو ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پنهنجي بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي جي مطالبن تي عملدرآمد لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي، هو ڌرڻو ملتوي ڪري رهيا آهن پر ختم نٿا ڪري سگهن.هن چيو ته هو سڀاڻي ڌرڻي واري هنڌ تي جلسو ڪندو ۽ ڌرڻو ملتوي ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪندو.حافظ نعيم چيو ته حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو ته ڌرڻو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.










