ڪراچي (ن سنڌيار) جماعت اسلامي سنڌ طوفاني برساتن جي تباه ڪارين ۽ متاثرين جي بدحالي توڙي حڪومتي نااهلي جي عنوان تي ڇنڇر10 سيپٽمبر تي منجهند3 وڳي قباء آڊيٽوريم ۾ ڪُل جماعتي ڪانفرنس طلب ڪري ورتي، صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي سڀني اهم سياسي توڙي ديني جماعتن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏني ويندي، اي پي سي ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي، متاثرين جي بدحالي ۽ حڪومتي غفلت توڙي نااهلي جي عنوان تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويندو، اي پي سي جي صدارت جماعت اسلامي سنڌ جو امير محمد حسين محنتي ڪندو.










