جماعت اسلامي پاران پاڻي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار

جماعت اسلامي پاران پاڻي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ارسا کان91 ٺاهه تي عملدرآمد، صوبي کي پنهنجي پاڻي جو جائز حصو ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي بيراجن تي پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري چڪي، ارسا 91 ٺاهه موجب پاڻي جي منصفاڻي ورهاست کي يقيني بڻائي، پاڻي جي کوٽ جي ڪري سنڌ جي ماڻهن جون حياتيون شديد متاثر ٿي رهيون آهن، ڪوٽري بيراج تي 72 فيصد پاڻي جي کوٽ، زراعت، پيئڻ جي پاڻي کان پوءِ صنعتن کي به پاڻي نه پيو ملي، ارسا هن وقت تائين 91 ٺاه تي عمل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿيو آهي، پاڻي جي کوٽ واري سيزن ۾ پنجاب پورو پاڻي کڻي رهيو آهي، جڏهن ته هن وقت سنڌ کي 9فيصد پاڻي گهٽ ۽ پنجاب 02 فيصد وڌيڪ کڻي رهيو آهي، 91 ٺاه تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53فيصد ٿي چڪي جنهن جي ڪري سموري سنڌ ٿر جو منظر پيش ڪري رهي آهي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ موجوده سياسي افراتفري جي ڪري حڪمرانن جي نظرن مان مهانگائي، بجلي ۽ پاڻي بحران گم ۽ عوامي مسئلا ڏسڻ ۾ نٿا اچن، هڪ پاسي بلوچستان ۾ باهه لڳل آهي ته ٻئي طرف سنڌ سوڪهڙي جي ڪري صحرا جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته حڪمران پنهنجي ذاتي سياسي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مُخالف ڌُر سان ويڙهه ۾ مصروف آهن ۽ عوام جي دادرسي ڪرڻ وارو ڪير به ڪونه آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري نه رڳو زراعت تباه بلڪه وڏن شهرن کي پاڻي فراهم ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو آهي جنهن جي ڪري ڪو وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو، صوبائي امير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ مجموعي طور قدرتي آهي، پر سنڌ ۾ موجود پاڻي به وڏيرن پاران چوري ۽ سينه زوري جي ڪري پوڇڙي جا آبادگار سخت متاثر آهن جڏهن ته پنجاب 91 ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي تونسا پنجند ڪينال ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪينال وهائي رهيو آهي.سنڌ ۾ ماڻهو لڳاتار پاڻي کوٽ جي ڪري احتجاج پيا ڪن، پر وڏو وزير ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪرڻ ۾ مصروف آهي جنهن مان سندن پاران عوامي اشوز کان لاتعلقي جو اظهار ٿئي ٿو، وفاقي ۽ صوبائي حڪمرانن کي سياسي معاملات کان فرصت ملي ته هوءَ عوامي مسئلن تي ڌيان ڏين، سنڌ جي ماڻهن جي جيئڻ مرڻ واري مسئلي تي حڪمرانن فوري قدم نه کنيا ته اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن جو ازالو ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو، انڪري في الفور سنڌ کي پنهنجي حصي جو جائز پاڻي فراهم ۽ بااثر ماڻهن پاران چوري کي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن..#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو