ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جيڪب آباد پوليس ھٿان ٺل واسي سوشل ميڊيا ايڪٽيويسٽ صدام حسين لاشاري جي ماروائي قتل جي سخت مذمت، آءِ جي سنڌ پوليس کان نوٽس وٺڻ ۽ واقعي جي جوڊشيري تحقيقات جي گهر ڪندي چيو آھي تہ چئن ڏهاڙن کان پوليس تحويل ۾ صدام حسين لاشاري جيڪڏهن ڪنھن ڏوھ ۾ملوث ھيو تہ قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي هاپرپوليس انساني حقن جي لتاڙ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي.هن سنڌ ۾ مسلسل وڌنڌڙ بدامني توڙي جڙتو پوليس مقابلن تي سخت ڳڻتي جواظھار ڪندي چيو تہ ڏوھن تي ڪنٽرول ۽ ڏوھارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي ڪيفرڪردار تائين پھچائڻ بدران خوف جو ماحول ۽ بي گناھ ماڻھن کي ڪوڙن مقابلن ۾ مارڻ سان خود پوليس کاتي جي بدنامي ٿي رھي آھي.ان عمل سان ئي انتقام ۽ ڏوهاري ڪلچر وڌي ٿو.واثن موجب نوجوان صدام کي 3 ڏينهن اڳ ٺل ۾ رياض چوڪ تان گرفتارڪيوويو. ڳري رشوت نہ ڏيڻ تان جيڪب آباد ۾جڙتو مقابلو ڄاڻائي ڳڀرو نوجوان جو لاش حوالي ڪيو ويوجيڪو ھڪ جيءُ جهوڙيندڙ واقعو آھي.جنھن جي مڪمل تحقيقات ۽ ملوث اھلڪارن کي عبرت ناڪ انجام تائين پھچايو وڃي.ھوڏانھن جماعت اسلامي ضلع جيڪب آباد جي امير حاجي ديدار علي لاشاري ٺل پھچي مقتول جي والد سميت ٻين وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ۽ گهر ڪئي تہ صدام حسين لاشاري جي ماروائي عدالتي قتل جو نوٽيس وٺي وارثن کي انصاف ڏنو وڃي.ايس ايس پي جيڪب آباد کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي.ھن وارثن کي جماعت اسلامي طرفان مڪمل تعاون جو پڻ يقين ڏياريو .










