ٽنڊوباگو(رفاقت جروار) ٽنڊوباگو ۾ جماعت اسلامي جو فلسطينين جي حق ۾ احتجاجي مظاهرو. خبر موجب جماعت اسلامي ٽنڊوباگو پاران مرڪزي سڏ تي بيت المقدس جي آذادي، فلسطین جي عوام تي اسرائيلي دهشتگردي خلاف سي اين جي پمپ کان ٽنڊوباگو پريس ڪلب تائين عبدالڪريم بليدي، ملڪ آفتاب احمد ۽ علي مردان شاه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جتي مظاهري کي جماعت اسلامي جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ملڪ آفتاب احمد، ضلعي بدين جي امير سيد علي مردان شاه، غلام رسول احمداڻي ۽ مولوي عبدالڪريم بليدي خطاب ڪيو.










