شاھ لطيف مستقل جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو

شاھ لطيف مستقل جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو

گھارو(ن س) قومي عوامي تحريڪ ٺٽو پاران گھارو شهر ۾ جشن لطيف ۽ جلسي عام منعقد ڪيو ويو ، قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو گھارو پھچڻ تي شھر جي واپارين، سياسي سماجي شخصيتن، شھرين ۽ ڪارڪنن اجرڪن، لنگھين جا تعفن۽گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. جلسي ۾ سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ شاھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي، شاھ لطيف اشرافيه بجاءِ عوام جو شاعر هو، شاھ لطيف، بلي شاھ ۽ بابا فريد جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي، ٺٽو ڪراچي جي ويجهو هجڻ جي باوجود پٿر جي دور ۾ جي رهيو آهي، گهارو ۽ ساڪرو سامونڊي پٽي هجڻ جي باوجود غربت ۾ گھريل آهن، سنڌ حڪومت سرڪاري زمينن ۽ سامونڊي ٻيٽن تي قبضا ڪرايا، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ کي کنڊرات ۾ تبديل ڇڏيو آهي. ڪوهستان جي زمينن تي قبضو ۽ ڳوٺن تي حملا برداشت نہ ڪنداسين، سنڌ حڪومت ڪميشن حاصل ڪرڻ ۽ پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪارونجھر جا قدرتي وسيلا وڪرو ڪري رهي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارونجھر جي تاريخي ثقافت کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين ڪيٽي بندر، جھمپير، جنگشاهي ۽ گھوڙاٻاري جي عوام کي تعليم، صحت ۽ روزگار ڏنو وڃي جيڪي حڪومتون عوام کان ماني جو گرھ کسي وٺن، اهي ڪهڙي حڪومت ڪنديون ٺٽي، بدين ۽ سجاول جا هاري ۽ مزدور ٻن مانين لاءِ محتاج ٿي ويا آهن، بجلي، پيٽرول، اٽي ۽ گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ اغوا ۽ ڏوھ عوام لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀ نگران حڪومتون شفاف ۽ غير جانبدار هجڻ گهرجن ڪجھ حلقا سنڌ ۾ غير قانوني ڌارين کي مستقل آباد ڪرڻ چاهين ٿا. غير قانوني ماڻهن جي رجسٽريشن ڪري ڊيموگرافڪ تبديلي جي سازش ڪئي پئي وڃي پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي. سنڌ اسيمبلي 18هين ترميم تان هٿ کڻي وئي آهي ڪرپشن جا ڪيس واپس ورتا ويا تہ احتساب تان اعتبار کڄي ويندو. سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي وئي آهي، زرعي پيڪيج ڏنو وڃي. قانون ۾ عورت ۽ مرد ۾ ڪو بہ فرق نہ آهي، پر ڳوٺاڻا علائقا تعصب جو مرڪز آهن، پاڪستان جي مسئلن جو حل تعليم، روشن خيالي، احتساب ۽ غير جانبدار پرڏيهي پاليسي ۾ آهي ڇا سنڌ کي ڪرپشن جي لاء فري زون علائقو بڻايو پيو وڃي، دشمن قوتون ملڪ ۾ عدم استحڪام جو فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪنديون، حڪمران ڪرپشن کي بچائڻ لاءِ بار بار سنڌ ڪارڊ راند دهرائيندا آهن پر هاڻي اهو ڪم نہ ٿيندو حڪمران وڏيرن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ هارين کي تباھ ڪيو ويو، حڪومت ۽ سردارن سنڌ جي ٻهراڙين کي عورتن ۽ ٻارن لاءِ قتل گاھ بڻائي ڇڏيو پارليامينٽ ۽ عدليہ کي عورتن ۽ اقليتن تي تشدد خلاف ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ ڪڏھن شفاف اليڪشن ناھي ٿي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي. اٽي، لٽي ۽ اجھو جو نعرو ھڻي پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام سان غداري ڪئي آھي. آصف زرداري سنڌ کي نيلام گھر بنائي وسيلا وڪڻي رھيو آھن. ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي جي لکين ايڪڙ زمين بلڊر مافيا کي ڏنو وئي آھي. ٿر، بدين ۽ لاڙ تيل، گئس، ڪوئلي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي پر ماڻھو بک، بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي بقا جي جدوجھد سان مسئلا ۽ محروميون ختم ٿي سگھن ٿيون۔ ھر ظلم، سازش، جارحيت ۽ وسيلن تي ڌاڙي خلاف مھلائتي ۽ طويل ثابت قدم جدوجھد جو سياسي ۽ سماجي قيادت پاران سڄي سنڌ ۾ آغاز، ۽ جٽادار ۽ مسلسل تحرڪ برقرار رکڻ گھرجي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ وسيلن ۽ وحدت جا سودا روڪڻ لاءِ سنڌ جي قسمت بابت فيصلن ڪندڙ ايوانن ۾ تبديلي لاءِ گھربل تياري ۽ مستقل مزاجي ۽ ان لاءِ بحيثيت ھڪ قوم جي سنڌين کي عملي ڪردار ڪرڻو پوندو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي اديبن، شاعرن، سول سوسائٽي، ميڊيا، صحافين، وڪيلن، پرڏيھي سنڌين، نوجوانن ۽ ڀينرن پاران ڪرپٽ ۽ سوديباز حڪمرانن جي ترجماني ۽ تحفظ ڪرڻ بدران انھن خلاف مسلسل قلم، عمل، فورمز ۽ سوشل ميڊيا ذريعي مزاحمت ۽ عوامي سجاڳي جي مھم ھلائڻ گھرجي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي سدائين سنڌ خلاف فيصلا ڪيا آھن، پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا ايندڙ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا وڪڻي رھي آھي. تيل، گئس، ڪوئلو، بندرگاھ، ٻيٽ، سامونڊي پٽي، جبل ۽ ٻيا قدرتي وسيلا سنڌ جي ملڪيت آھن. زرداري ڪمپني سنڌ کي لاوارث نہ سمجھي ۽ پ پ جي سنڌ حڪومت ائين نہ سمجھي تہ وسيلن جي ڦرلٽ تي ماڻھو خاموش تماشائي رھندا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ڏيڍ صدي کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. تونسا پنجند، چشمه جھلم، گريٽر ٿل ڪئنال جھڙا ڌاڙيل منصوبا پيپلز پارٽي جوڙيا. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، جيڪو ملي ٿو ان تي وزيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ حڪمران وڏيرن جو قبضو آھي. وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ نوڪرين جا دروازا بند آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وحدت لاء سڀ سنڌي ھڪ آھن، ڪارونجهر جبل ۽ سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن لاءِ آخري حدن تائين مزاحمت ڪنداسين، پيپلز پارٽي جا حڪمران ۽ زرداري مافيا ٻڌي ڇڏين تہ اقتدار اچڻو وڃڻو آھي. اقتدار لاءِ غداري ڪندا تہ تاريخ ۾ دفن ٿي ويندا. سنڌي ماڻھو ڌرتي وانگر آھن، اھي ٿڌا آھن تہ ٿڌا آھن، اھي گرم ٿين ٿا تہ ٿڌا نٿا ٿين. جيئن ٻٽو نظام ھلڻ نہ ڏنو، جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺھڻ نہ ڏنو. سنڌي ماڻھن آمريت کي ٽوٽا چٻايا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٺٽو، سجاول ۽ بدين سامونڊي بيلٽ کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي ائين شايد حملي آور دشمن بہ نہ ڪري ھا. نہ تعليم آھي، نہ روزگار، نہ پاڻي، نہ علاج ۽ نہ ئي ڪا يونيورسٽي آھي. زراعت تباھ، روڊ برباد، لوڊشيڊنگ جو آزار، ڏوھ ۽ منشيات عروج تي آھن. ترقياتي بجيٽ مال غنيمت ڪري لٽي وئي آھي. سامونڊي پٽي تي نئون اسرائل ٺاھڻ وارا سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن منصوبا جڙي رھيا آھن، ڌرتي کسجي پئي، وسيلن تي قبضو آهي، ٻچا پنن پيا، مائرون لنگهڻ پيون ڪاٽين، 18 کان وڌيڪ ضلعن ۾ ڪروڙين ماڻھو گٽرن جو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، ڳوٺن ۾ اسڪول ناھن، اسپتالن ۾ دوائون ناھن پر اسان جو ان سان تعلق ناهي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ گيس ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي سنڌي ماڻهو بيوس ۽ لاچار آهن. شاھوڪار ڌرتي جي ڌڻين جو ڪو والي وارث نہ آهي. نواز شريف، عمران خان، آصف زرداري جي ايجنڊا ۾ سنڌ جي خوشحالي ناھي. پندرهن سالن کان پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي آھي. پيپلزپارٽي مسلسل سنڌ جي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي. سنڌي ماڻهن کي مسئلن ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو آهي، مسڪين ماروئڙن جي ووٽ تي حڪمران بڻجي ويل نااھل، جاهل، ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت چاهي ٿي تہ خوشحال سنڌ جا ماڻهو بدحال ھجن انهن کي معاشي مستحڪم ڪرڻ بدران خيرات تي ھلايو وڃي. سنڌين کي فقير ڪنگال بنايو وڃي. سنڌ ۾ تباھي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پرائمري کان وٺي انٽر تائين تعليم تي ڪو ڌيان ناھي، تعليمي بورڊ آفيسن ۾ ڊگريون پڪوڙن وانگر وڪامن ٿيون. ميريٽ کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. حڪمران چاھين ٿا تہ سنڌ ۾ جھالت ھجي، ماڻھو باشعور نہ ھجن، اھي ڪو سوال نہ ڪن. ماڻھو بي خبر ۽ غلامي جي زندگي جيئندا رھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواء اڳتي نٿو وڌي سگھي ۽ ترقي نٿو ڪري سگھي۔ اقربا پروري، ڪرپشن ۽ آمريتون تباھي ۽ بربادي جو رستو آھن. دنيا جي سڌريل ملڪن آئين، انصاف، ميريٽ ۽ شفافيت جي رستي تي ھلي ترقي ڪئي آھي۔ اسان وٽ جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو آئين ۽ قانون کي ان جيترو لتاڙي ٿو۔ ملڪي وسيلا ۽ عوام جي دولت لٽي وئي آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو ويو آھي۔ تعليم، سائنس، ميريٽ کي لتاڙيو ويو آھي۔ ڪرپٽ ماڻھن ۽ شخصيتن کي بي تاج بادشاھ ۽ طاقتور بنائڻ بدران نظام کي مضبوط بنايو وڃي۔ جنھن ۾ انصاف ھجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ سنڌ حڪومت عوام کان لاتعلق بنجي وئي آهي، ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگھ آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن، ڪنھن بہ شئي تي ڪنٽرول ناھي ۽ بي پناھ مھانگائي وڌي وڃي ٿي. مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي۔ سنڌ حڪومت عوام کي بک بدحالي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي ماڻهو ھڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ بہ پريشان آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيھي نہ رڳو معاشي طور بار آھن پر انھن مان ڪيترائي ڪراچي، لاھور، پشاور، ڪوئيٽا، پنڊي ۽ ٻين شھرن ۾ ڌماڪن ۽ دھشتگردي ۾ ملوث آھن. اڪثر شھرن ۾ غير قانوني پرڏيھي پنھنجون الڳ ڪالونيون قائم ڪري ويٺل آھن، جتي مقامي پوليس بہ داخل نٿي ٿئي. مظھر راھوجي چيو تہ افغاني، برمي، بنگالي، بھاري ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور تي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا، پوءِ شناختي ڪارڊ اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا. ھن چيو تہ ڪراچي ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي ويٺل آھن، اھي سڀئي پاڻي استعمال ڪن ٿا، ٽرانسپورٽ استعمال ڪن ٿا، خوراڪ سميت روزگار جي وسيلن تي بار آھن. جيڪڏھن انھن کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو ويندو تہ سنڌ جي ماڻھن کي اھو روزگار ۽ وسيلا ملي سگھندا. ھن چيو تہ قدرتي وسيلن تي ڪمائي جو پھريون حق مالڪ صوبي ۽ انھن علائقن جو آھي اڪثريت جي نالي ۾ سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي، زمين، پاڻي ۽ ٻين وسيلن کي مال غنيمت ڪري لٽيو پيو وڃي۔ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري، سڀ کان وڌيڪ، غربت، سڀ کان وڌيڪ بدحالي، سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن سڀ کان وڌيڪ ڏوھ، لاقانونيت، ناانصافي ۽ حڪمرانن جي بي حسي آھي. مظھر راھوجي چيو تہ ماڻھن کي بنيادي انساني حق تڏھن حاصل ٿي سگھن ٿا جڏھن اسان جي ملڪ جون پاليسيون تبديل ٿينديون، حڪمران پوائنٽ اسڪرونگ ۽ عالمي طاقتن جي ھدايتن تي ھلڻ بدران پنھنجون خودمختيار پاليسيون جوڙيندا. انھي پاليسي ۾ مستحڪم معيشت، تعليم، سائنس، صحت، ميرٽ ۽ ترقي ھوندي، پوءِ غربت اسان لاءِ وڏو مسئلو نہ رھندي. اسين دنيا جا خوشحال ۽ ترقي يافتہ ملڪ ۽ قوم بنجي سگھون ٿا. جلسي کي شبير ڀٽي، بختاور چنڊ،شيرين ڀٽي ياسر جاکرو، ممتاز شيخ حبيب الله پليجو، شفيع ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو