اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ طرفان حڪومت ۽ اپوزيشن کي جلسا ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي، چوڌري شجاعت چيو آهي ته اپوزيشن ته جلسن جي سياست ڪندي آهي، پر حڪومت به جلسن ۾ لڳي وئي آهي، هارائڻ ۽ کٽڻ کي انا جو مسئلو بڻائڻ بدران ووٽنگ ۾ حصو ورتو وڃي ۽ آئيني رستو اختيار ڪيو وڃي.هن چيو ته ٻئي ڌُريون ڪارڪنن کي ڏڦيڙ جو رستو نه ڏيکارين، ڏڦيڙ جو فائدو دشمن قوتن کي ٿيندو، اسان کي ننڍي پارٽي سڏيندڙن کان وسري ويو آهي ته ملڪ لاءِ وڏا فيصلا ڪندا آهيون. چوڌري شجاعت جي سربراهيءَ ۾ پارٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، بي اعتمادي رِٿ، اتحادين ۽ اپوزيشن سان ڳالهين تي مشاورت بعد اهم فيصلن جا امڪان آھن.










