ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني جي ايڊمنسٽريٽر سنڌ حڪومت جي قانوني صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ملير جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا ۽ اڻ مڪمل منصوبا هن سال مڪمل ڪيا ويندا، پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين عوام جي اميدن تي پوري لٿي آهي ۽ هر صورت انهن سان گڏ آهي، سنڌ حڪومت 4 ڪمپنين سان معاهدو ڪيو آهي اهي ڪمپنيون ويسٽ ٽو انرجي تحت ڪچري مان بجلي پيدا ڪنديون، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ کي سينٽرل ضلعي ۾ هڪ مهيني اندر ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، اهڙي طرح سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ڪراچي جي ستن ضلعن مان ڪچرو گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪندو. جنهن جا بهتر نتيجا نڪرندا، افتتاحي تقريب ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي يوسف مرتضيٰ بلوچ، پ پ ضلعي ملير جي صدر سلمان عبدالله مراد، ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن جي ايڊمنسٽريٽر رياض کتري ، نيبر هوڊ اسڪيم پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نذير ميمڻ ۽ پيپلز پارٽي جا اڳوان ۽ آفيسر موجود هئا، مرتضي وهاب چيو ته ڪيترائي ماڻهو واعدا ڪندا آهن پر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،سنڌ جو وڏي وزير، پ پ جا ڪارڪن ۽ جيالي ايڊمنسٽريٽر ڪيل واعدا پورا ڪيا ويا آهن، هن چيو ته اسان بنا ڪنهن فرق جي ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان روڊن جي بهتري لاءِ ڪم جاري آهي. ڪڪري گرائونڊ لياري جو تعميراتي ڪم 6 مهينن ۾ مڪمل ڪري لياري جي عوام لاءِ انٽرنيشنل ليول جو اسپورٽس ڪمپليڪس فراهم ڪيو ويندو، شيرپائو ڪالوني ۾ هڪ وڏي اسٽيڊيم جي تعمير جي منظوري ڏني وئي آهي ان گرائونڊ ۾ چائنا ڪٽنگ ٿي رهي هئي اتي عالمي سطج جو اسٽيڊيم قائم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ هفتي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو، حسين چوڪ، بينظير پارڪ، ابراهيم حيدري ۾ فٽبال گرائونڊ ٺاهينداسين، فٽبال اسٽيڊيم کي جديد اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، پراڻي طرز جي فوڊ اسٽريٽ کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، بوٽ بيسن جي فوڊ اسٽريٽ تي ڪم جاري آهي، جنهن کي بين الاقوامي سطح تي تعمير ڪيو پيو وڃي، ان جي چوڌاري 4 نوان پارڪ پڻ ٺاهيا پيا وڃن، شهر جي پراڻي علائقي کارادر کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هي علائقو ڪيترن ئي سالن کان برساتن ۾ ٻڏي ويندو هو، ماضي ۾ جيڪي به اقتدار ۾ آيا انهن هن علائقي ۾ ڪم نه ڪيو، پيپلز پارٽي جي حڪومت اولڊ سٽي واري علائقي ۾ سيوريج سسٽم ۽ ڊرينيج سسٽم لڳايو جنهن سبب هن سال پاڻي بيهجي نه سگهيو. قائداعظم محمد علي جناح جي رهائشگاهه سميت هن علائقي ۾ گهرن ۾ پاڻي داخل نه ٿيو، اصل تبديلي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي سنڌ حڪومت هن شهر کي جديد ۽ رهڻ جي لائق ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته آئين موجب پنجاب جي وڏي وزير کي استعيفيٰ گورنر کي ڏيڻ گهرجي ها، آئين جي آرٽيڪل 95 ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته هڪ ڀيرو وزير اعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ٿي وڃي ته پوءِ اهو شخص وزير اعظم نه ٿو رهي سگهي ۽ اسيمبلي کي اختيار حاصل آهي ته هو نئون وزيراعظم منتخب ڪري، صدر کي گهرجي ته ٻي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کان پوءِ 2 ڪلاڪن ۾ اجلاس طلب ڪري ته نئون وزيراعظم منتخب ڪري سگهجي، صدر کي اختيار ناهي ته آئين جي پامالي ڪري، هن چيو ته وزير اعظم خلاف ٻين الاقومي سازش نه پر سندس ترجمانن جي سازش آهي، بجلي، گئس، پيٽرول، اٽي، کنڊ ۽ روزاني استعمال جي شين جا اگهه ڪنهن وڌايا، ماڻهن جا گهر ڪنهن ڊاهي ڊاهي پٽ ڪيا، بيروزگاري ڪنهن وڌائي، هن چيو ته ڪارروان وفا آهي ماڻهو ڪڍي رهيا آهن جيڪي پرويز مشرف ۽ نواز شريف سان گڏ هئا، پر هاڻي خبر پوندي ته وفا ڪاڏي ٿي وڃي.










