جلد کان جلد برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو ويو:ڊي سي

جلد کان جلد برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو ويو:ڊي سي

بدين (ن س) ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز چيو آهي ته ضلعي بدين جي ٻوڏ متاثر علائقن مان جلد کان جلد برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو ويو ۽ انهن علائقن جي چوپائي مال لاءِ سنڌ حڪومت پاران فراهم ڪيل چاري کي مال کي فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ سڄي ضلعي ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل نقصان جو اندازو لڳائي رپورٽ ٺاهي ويندي. ھو گذريل رات ڊي سي ڪيمپ آفيس ۾ ايريگيشن، لائيو اسٽاڪ ۽ روينيو آفيسرن سان منعقد ڪيل مختلف گڏجاڻين جي صدارت ڪري رهيو هو. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون بدين نجيب الرحمان جمالي پڻ موجود هو. ايريگيشن کاتي جي آفيسرن سان گڏجاڻي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز پاڻي نيڪال واري ڪمن جي لاءِ تعلقه ليول تي جوڙيل ڪميٽين کي سخت هدايت ڏني ته ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي پراڻ ڍورو، ايم ايم ڊي ۾ گهاري سبب متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪالي جو ڪم وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ جلد کان جلد ٻوڊ جي پاڻي جي نيڪال کي ممڪن بڻايو وڃي جيئن متاثر جلد پنهنجي گهرن طرف موٽي سگهن. هن لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڏني ته ٻوڏ متاثر علائقن جي مال جي لاءِ پهرين فيز ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان 15000 هزار جانورن کي چارو فراهم ڪيو پيو وڃي اهڙي ٻوڏ متاثر علائقن جي چوپائي مال لاءِ چارو فراهم ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. سڄي ضلعي ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سان ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر بدين لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڏني ته يونين ڪائونسل سطح تي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جنهن ۾ فصل، گهر، روڊ رستا ۽ ٻيو انفرااسٽرڪچر شامل آهي ان جو اندازو لڳائي رپورٽ ڏني وڃي جئين نقصان جي ازالي جي لاءِ سنڌ حڪومت کي موڪلي سگهجي. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي هدايت تي ضلعي بدين جي لاءِ 80 ٽيمون جوڙيون ويو آهن. ان موقعي تي بدين ضلعي جي سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڏني ته ھو پنھنجي تعلقن ۾ جاري رليف جي ڪمن ۽ عوامي ڀلائي جي ڪمن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ نگراني جي عمل کي وڌيڪ بهتر ڪن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو